Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 49:20 - Sindhi Bible

20 تنهن ڪري اوهين خداوند جي اُها رٿ ٻڌو جا هن ادوم جي برخلاف ڪئي آهي؛ ۽ هن جا اُهي ارادا، جي هن تيمان جي رهاڪن جي برخلاف ڪيا آهن؛ يعني هو انهي کي، گهلي ويندا، بلڪ ڌڻ جي ٻچن کي بہ؛ يقيناً هو ان جي رهڻ جو هنڌ، ساڻن گڏ ويران ڪري ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 تنهنڪري خداوند تيمان شهر ۾ رهڻ وارن بلڪ ادوم ملڪ جي سڀني رهاڪن خلاف جيڪي رٿيو آهي سو ٻڌو. اوهان جا ٻارڙا اوهان مان ائين ڇڪي ڪڍيا ويندا جيئن ڪنهن ڌڻ مان رڍن جا ٻچا گهلي ڪڍبا آهن. يقيناً ائين ئي ٿيندو، جنهن کي ڏسي اوهان مان هر ڪنهن کي دهشت وٺي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 49:20
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جي صلاح هميشہ تائين قائم رهندي، ۽ سندس دل جا خيال پيڙهين تائين.


ماڻهوءَ جي دل ۾ گهڻيون ئي تجويزون آهن؛ پر قائم فقط خداوند جي رٿ رهندي.


هن ڪري جو جيتوڻيڪ ڪسدين جو لشڪر جو اوهان سان جنگ ٿو ڪري، تنهن کي اوهين کڻي ماريو ها، ۽ انهن ۾ رڳا زخمي ماڻهو وڃي بچن ٿا، تہ بہ اُهي سڀ پنهنجن تنبن ۾ اُٿي هن شهر کي باهہ سان ساڙين ها.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجي ذات جو قسم کنيو آهي تہ بصرہ، حيرت، ۽ ملامت، ۽ ويرانيءَ، ۽ لعنت جو سبب ٿيندو؛ ۽ ان جا سڀ شهر هميشہ لاءِ ويران رهندا.


ادوم بابت: لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ: تيمان ۾ ڏاهپ ڪانہ رهي آهي ڇا؟ سياڻن منجهان صلاح مصلحت نڪري ويئي آهي ڇا؟ انهن جي ڏاهپ گم ٿي ويئي آهي ڇا؟


تنهن ڪري جيڪا مصلحت خداوند بابل جي برخلاف ڪئي آهي سا اوهين ٻڌو؛ ۽ هن جا ارادا، جي هن ڪسدين جي ملڪ جي برخلاف ڪيا آهن؛ يقين آهي تہ هو انهن کي گهلي ويندا، يعني ڌڻ جي ٻچن کي؛ يقين آهي تہ هو انهن جي رهڻ جي جاءِ ساڻن گڏ ويران ڪري ڇڏيندو.


پر آءٌ تيمان تي باهہ موڪليندس ۽ اُها بصرا جا محلات ساڙي ڇڏيندي.


تڏهن هن مون کي ورندي ڏيئي چيو تہ، اهو زروبابل لاءِ خداوند جو ڪلام آهي، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ، نہ زور سان، نہ توانائيءَ سان پر منهنجي روح سان.


تان تہ جيڪي تنهنجي هٿان ۽ تنهنجيءَ مرضيءَ پٽاندر اڳيئي مقرر ٿيل هو سو پورو ڪن.


انهي ۾، جيڪو پنهنجيءَ مرضيءَ جي مصلحت موجب سڀ ڪجهہ ٿو ڪري، اسين بہ سندس ارادي موافق اڳيئي مقرر ٿي ميراث ٿياسين؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ