Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 49:19 - Sindhi Bible

19 ڏس، هو شينهن وانگي يردن جي جهنگ مان نڪري مضبوط مڪان تي چڙهي ايندو: ۽ آءٌ اوچتو هن کي اُتان ڀڄائي ڪڍندس؛ ۽ جيڪو چونڊيو ويندو، تنهن کي آءٌ اُن جي مٿان مقرر ڪندس: ڇالاءِ جو ڪير مون جهڙو آهي؟ ۽ ڪير منهنجي لاءِ وقت مقرر ڪندو؟ ۽ اُهو ڪهڙو ڌنار آهي جو منهنجي اڳيان بيهندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 جهڙيءَ طرح شينهن اردن درياءَ وارن گھاٽن ٻيلن مان ٻاهر نڪري ساون چراگاهن ڏانهن چڙهي ايندو آهي، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ اچي ادومين کي اک ڇنڀ ۾ سندن ملڪ مان ڀڄائي ڪڍندس. پوءِ جنهن کي آءٌ چونڊي ڪڍندس، تنهن کي ان ملڪ تي بادشاهي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪندس. ڪير مون جهڙو آهي ۽ ڪير مون کي للڪاري سگھي ٿو؟ ڪهڙو حڪمران منهنجي آڏو بيهي سگھي ٿو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 49:19
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي اُهي آهن جي پهرين مهيني ۾ يردن لنگهي هن ڀر ويا، جڏهن اها پنهنجن ڪنارن کان اُٿلي پيئي هئي؛ ۽ وادين ۾ جيڪي ماڻهو هئا، تن سڀني کي انهن ڀڄائي ڪڍيو؛ جهڙو اُڀرندي ڏي، تهڙو اُلهندي ڏي.


۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جا خدا، تون آسمان ۾ خدا ناهين ڇا؟ ۽ قومن جي سڀني بادشاهتن تي تون حڪم هلائيندڙ ناهين ڇا؟ ۽ تنهنجي هٿ ۾ اهڙي قدرت ۽ طاقت آهي جو ڪوبہ توکي سامهون ٿي نٿو سگهي.


اهڙو ڪوبہ جرئت وارو ڪونهي جو هن کي چوري سگهي: تڏهن ڪير آهي جو منهنجي اڳيان بيهي سگهندو؟


جيڪڏهن اسين طاقت وارن جي زور جو ذڪر ڪنداسين تہ ڏسو، هو اتي موجود آهي! ۽ جي عدالت جو، تہ ڪير مون کي وقت مقرر ڪري ڏيندو؟


آءٌ ڪامل آهيان: تہ بہ آءٌ پاڻ کي ڪي ڪين ٿو سمجهان؛ آءٌ پنهنجي حياتيءَ کي ڌڪاريان ٿو.


پنهنجي بندي کي عدالت ۾ نہ آڻ؛ ڇو جو تنهنجيءَ نظر ۾ ڪوبہ ماڻهو سچار ڪين ٺهربو.


رڳو تو کان ئي ڊڄڻ گهرجي: جڏهن تون ڪاوڙبين تڏهن ڪير تنهنجي اڳيان بيهي سگهندو.


تو آسمان مان پنهنجي فتويٰ ڏني؛ تہ زمين ڊڄي ويئي، ۽ ماٺ ڪري بيٺي.


ڇالاءِ جو آسمان ۾ اهڙو ڪير آهي جنهن جو خداوند سان مقابلو ڪري سگهبو؟ ۽ فرشتن مان ڪير خداوند جهڙو آهي؟


اي خداوند، لشڪرن جا خدا، اي يهوواہ، تو جهڙو قادر خداوند ڪير آهي؟


اي خداوند معبودن ۾ تو جهڙو ڪوبہ ڪونهي: تو وانگر پاڪيزگيءَ ۾ جلال وارو، صفتن ۾ هيبت وارو، ۽ معجزا ڪندڙ، ٻيو ڪير آهي؟


پاڪ خدا فرمائي ٿو تہ اوهين ڪنهن سان منهنجي مشابهت ڪندا جو آءٌ هن جي برابر ٿيان؟


قديم زماني جون اڳوڻيون ڳالهيون ياد ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، ۽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ آءٌ خدا آهيان ۽ مون جهڙو ٻيو ڪونهي؛


جيڪڏهن تون پيادن سان ڊوڙيو آهين ۽ انهن توکي ٿڪائي ڇڏيو آهي، تہ پوءِ تون ڪيئن گهوڙن سان ڊوڙي سگهندين؟ ۽ جيتوڻيڪ سلامتيءَ جي زمين ۾ تون صحيح سلامت آهين، تہ بہ يردن جي جهنگل ۾ تون ڪيئن ڪندين؟


تنهن ڪري ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اُتر وارا سڀ قبيلا گهرائي وٺندس، ۽ آءٌ پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي گهرائي هن ملڪ تي ۽ ان جي رهاڪن تي، ۽ آس پاس وارن انهن سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس؛ ۽ آءٌ انهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن کي حيرت ۽ شوڪار جو باعث ڪندس، ۽ هميشہ ويران رکندس.


۽ انهن جو سردار انهن منجهان ئي ٿيندو، ۽ انهن جو حاڪم سندن وچ مان ئي ٿيندو؛ ۽ آءٌ انهي کي ويجهو ڪوٺيندس ۽ هو مون کي نزديڪ ٿيندو: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اهو ڪير آهي جو جرئت ڪري مون کي نزديڪ ٿيندو؟


هڪڙو شينهن پنهنجي گهاٽي جهنگ مان نڪتو آهي، يعني هڪڙو قومن کي ناس ڪندڙ: اهو پنڌ ۾ آهي، اُهو پنهنجي جاءِ تان هليو آهي؛ انهي لاءِ تہ ملڪ کي ويران ڪري، ۽ تنهنجا شهر سڃا ٿي وڃن، ۽ منجهن رهڻ وارو ڪونہ بچي.


پهريون شينهن جهڙو هو ۽ عقاب جهڙا پَر هئس: مون پئي نهاريو جيستائين ڪ هن جا پَر پَٽي ڇني ڇڏيائون، ۽ هو زمين کان مٿي کڄي ويو، ۽ انسان وانگر ٻن پيرن تي بيهاريو ويو، ۽ هن کي انسان جي دل ڏني ويئي.


هن جي غصي اڳيان ڪير بيهي سگهندو؟ ۽ هن جي ڪاوڙ جي جوش مهل ڪير بيهي سگهندو! هن جو قهر باهہ وانگي ڦاٽي ٿو نڪري، ۽ ٽڪرن کي هو چيري ٿو ڇڏي.


ريڍارن جي روئڻ جو آواز آهي! ڇالاءِ جو سندن شان گم ٿي ويو آهي: جوان شينهن جي گرجڻ جو آواز آهي! ڇالاءِ جو يردن جو جهنگ برباد ٿي ويو آهي.


پوءِ هن قورح ۽ سندس سڄي ٽوليءَ کي چيو تہ سڀاڻي صبح جو خداوند پاڻيهي ڏيکاريندو تہ ڪير سندس آهي، ۽ ڪير پاڪ آهي، ۽ ڪنهن کي هو پاڻ وٽ ٿو سڏي؛ ڇالاءِ تہ جنهن کي هو پسند ڪندو، تنهن کي ئي پاڻ وٽ سڏيندو.


۽ صندوق کڻڻ وارا يردن وٽ آيا، ۽ ڪاهنن جا پير ڪناري واري پاڻيءَ ۾ ٽٻيا، (ڇالاءِ جو يردن فصل جي موسم ۾ پنهنجن سڀني ڪنارن تان اُٿلي پوندي آهي،)


ڇالاءِ جو انهن جي ڪاوڙ جو عظيم ڏينهن اچي پهتو آهي؛ ۽ ڪير بيهي سگهندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ