Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 49:10 - Sindhi Bible

10 پر مون عيسوءَ کي اگهاڙو ڪيو آهي، مون هنن جون ڳجهيون جايون ظاهر ڪيون آهن، جنهن ڪري هو پاڻ کي لڪائي نہ سگهندو: هن جو نسل لٽجي ويو آهي، ۽ هن جا ڀائر، ۽ هن جا پاڙيسري، ۽ هو پاڻ نيست نابود ٿي ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 پر آءٌ اوهان ادومين کي بلڪل اگھاڙو ڪري ڇڏيندس، آءٌ اوهان کي اوهان جي ڳجھين پناهہ‌گاهن مان بہ ڪڍي ٻاهر ڪندس. اوهين پنهنجي مٽن مائٽن توڙي سڄي نسل سميت ناس ٿي ويندا. اوهان ۾ ڪو اهڙو رهندو ئي ڪين جيڪو ڪنهن ٻئي کي چئي سگھي تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 49:10
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇو جو خداوند کي انصاف وڻي ٿو، ۽ هو پنهنجن مقدسن کي ڇڏي نٿو ڏئي؛ اهي هميشہ مضبوط آهن؛ پر بڇڙن جو نسل تباهہ ٿي ويندو.


شام جي وقت خوف آهي ۽ صبح کان اڳي اهي نابود ٿي ويندا. اهو انهن جو حصو آهي جي اسان کي لٽين ٿا، ۽ انهن جو جي اسان کي ڦرين ٿا.


آءٌ توکي اوندهہ جا خزانا، ۽ ڳجهين جاين ۾ لڪل دولت ڏيندس، تہ توکي خبر پوي تہ آءٌ اهو خداوند اسرائيل جو خدا آهيان، جو تنهنجو نالو وٺي توکي سڏيان ٿو.


تنهن ڪري آءٌ بہ تنهنجي دامن تنهنجي ئي منهن تي کوليندس، ۽ تنهنجي اوگهڙ ظاهر ڪندس.


خداوند ٿو فرمائي، تہ ڪو پاڻ کي ڳجهين جاين ۾ اهڙو لڪائي سگهندو ڇا جو آءٌ ڏسي نہ سگهانس؟ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ آسمان ۽ زمين ڀري نہ بيٺو آهيان ڇا؟


اي صيون جي ڌيءَ، تنهنجي بدڪاريءَ جي سزا اچي پوري ٿي آهي؛ هو توکي وري قيد ڪري وٺي نہ ويندو: اي ادوم جي ڌيءَ، تنهنجي بدڪاريءَ جي خبر لهندو؛ هو تنهنجو گناهہ کولي ظاهر ڪندو.


۽ جيتوڻيڪ هو پاڻ کي ڪرمل جي چوٽيءَ تي وڃي لڪائيندا، تہ بہ آءٌ هنن کي ڳولي ڪڍندس؛ ۽ جيتوڻيڪ هو منهنجي نظر کان گسائي سمنڊ جي تري ۾ وڃي لڪندا، تہ بہ اُتي آءٌ نانگن کي حڪم ڏيندس تہ کين ڏنگي وڃن.


پر عيسوءَ جون شيون ڪيئن نہ ڳولي ڪڍيون اٿن! هن جا لڪل خزانا ڪيئن نہ تلاش ڪري لڌا اٿن!


اي تيمان، تنهنجا بهادر مرد حيران پريشان ٿيندا، انهي لاءِ تہ سڀڪو ماڻهو عيسوءَ جي جبل مان قتل ڪيو وڃي.


جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”يعقوب کي مون پيار ڪيو، پر عيسو کي ڌڪاريم.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ