Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 48:46 - Sindhi Bible

46 اي موآب، افسوس آهي تنهنجي حال تي! ڪموس جي قوم نيست نابود ٿي ويئي: ڇالاءِ جو تنهنجا پٽ قيد ٿي ويا آهن، ۽ تنهنجون ڌيئون بند ۾ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

46 اي موآب وارؤ! ويل آهي اوهان لاءِ! اي ڪموس معبود جا پوڄاريؤ! اوهين نيست وَ نابود ٿي ويندا، جڏهن تہ اوهان جا پٽ توڙي ڌيئرون قيد ڪري جلاوطن ڪيا ويندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 48:46
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن سليمان يروشلم جي اڳيان جيڪو جبل آهي، تنهن ۾ موآب جي بت ڪموس لاءِ، ۽ بني عمون جي بت مولڪ لاءِ، هڪڙي مٿانهين جاءِ جوڙائي.


۽ جيڪي قربانگاهون يروشلم جي اڳيان هيون، جي بربادي واري جبل جي سڄي هٿ پاسي، اسرائيل جي بادشاهہ سليمان صيدانين جي ڪراهت جهڙي بت عستارات، ۽ موآب جي ڪراهت جهڙي بت ڪموس، ۽ بني عمون جي ڪراهت جهڙي بت ملڪوم جي لاءِ جوڙايون هيون، تن کي بادشاهہ پليت ڪرائي ڇڏيو.


ڇالاءِ جو موآب جون نديون ارنون جي لانگهن وٽ اهڙيون ٿينديون جهڙا گهمندڙ پکي، ۽ جهڙو پکيڙي ڇڏيل آکيرو.


۽ موآب ڪموس جي ڪري اهڙو شرمندو ٿيندو، جهڙو اسرائيل جو گهراڻو بيت ايل جي ڪري ٿيو هو، جنهن تي هنن جو ڀروسو هو.


ڇالاءِ جو پنهنجن ڪمن ۽ پنهنجن خزانن تي ڀروسي رکڻ ڪري تون گرفتار ٿيندين: ۽ ڪموس، پنهنجن ڪاهنن ۽ پنهنجي اميرن سميت، قيد ٿي هليو ويندو.


اي موآب، توسان ويل آهي! اي ڪموس جي اُمت، تون چٽ ٿي آهين: هن پنهنجا پٽ ڀڄائي ڇڏيا، ۽ پنهنجون ڌيون قيدي ڪري، امورين جي بادشاهہ سيحون کي ڏنيون.


جيڪي تنهنجي معبود ڪموس توکي ورثو ڪري ڏنو آهي سو تون جيڪر هٿ نہ ڪرين ڇا؟ انهي طرح جنهن کي خداوند اسان جي هٿان ڦرايو آهي، تن کي اسين ضرور هٿ آڻينداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ