Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 48:45 - Sindhi Bible

45 جيڪي ڀڳا سي حسبون جي پاڇي هيٺ ڪمزور ٿي بيهن ٿا: ڇالاءِ جو حسبون مان باهہ نڪتي آهي، ۽ سيحون مان شعلو، ۽ انهيءَ موآب جي ڪنڊن، ۽ فساد ڪندڙن جو ڪاپار ڳهي چٽ ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

45 تڏهن جيڪي ڀاڄوڪڙ هوندا، سي سيحون بادشاهہ جي شهر حشبون جي پناهہ ۾ بيتابيءَ جي حالت ۾ اچي بيهي رهندا، پر حشبون شهر بہ ساڙي رک ڪيو ويندو، سو اها باهہ فسادين جي ملڪ موآب کي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 48:45
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

امورين جي بادشاهہ صيون کي ۽ بسن جي بادشاهہ عوج کي، ۽ ڪنعان جي سڀني بادشاهتن کي.


انهن جي جوانن کي باهہ کائي ويئي؛ ۽ سندن ڪنوارين لاءِ شاديءَ جا گيت ڪونہ ڳايا ويا.


بني نوف، ۽ بني تحفنيس تنهنجي مٿي جي چوٽي ڀڃي ڇڏي آهي.


موآب جي تعريف اڳتي نہ ٻڌبي: حسبون ۽ انهي جي برخلاف خرابي رٿي اٿن، اچو تہ اُن کي قوم ٿيڻ کان ڪپي ڇڏيون، اي مدمين، تون بہ چپ ڪرايو ويندين؛ ترار تنهنجي پٺيان پوندي.


پر آءٌ موآب تي باهہ موڪليندس ۽ اُها قريوت جا محلات ساڙيندي؛ ۽ موآب گوڙ گڙٻڙ سان، رڙين سان ۽ قرناءِ جي آواز سان مرندو.


انهن مان ئي ڪنڊ جو پٿر، ۽ ڪلو، ۽ جنگي ڪمان، ۽ سڀ حاڪم نڪرندا.


تڏهن اسرائيلين امورين جي بادشاهہ سيحون کي ايلچين جي معرفت چوائي موڪليو، تہ


هاڻي حسبون امورين جي بادشاهہ سيحون جو شهر هو، جنهن موآب جي اڳوڻي بادشاهہ سان وڙهي، ارنون تائين هن جو سارو ملڪ سندس هٿان کسي ورتو هو.


ڇالاءِ جو حسبون مان هڪڙي باهہ نڪتي آهي، سيحون جي شهر مان هڪڙو شعلو هليو آهي: اهو موآب جي شهر عار، ۽ ارنون جي مٿانهين جاين کي ڳهي ويو آهي.


اي موآب، توسان ويل آهي! اي ڪموس جي اُمت، تون چٽ ٿي آهين: هن پنهنجا پٽ ڀڄائي ڇڏيا، ۽ پنهنجون ڌيون قيدي ڪري، امورين جي بادشاهہ سيحون کي ڏنيون.


آءٌ هن کي ڏسان ٿو، پر هاڻي نہ: منهنجي هنن تي نظر پوي ٿي، پر ويجهڙائيءَ ۾ نہ: يعقوب منجهان هڪڙو تارو نڪرندو، ۽ اسرائيل منجهان هڪڙو عصو کڙو ٿيندو، جو موآب جي ڪنڊن کي ماريندو، ۽ سڀني فسادين کي ڀڃي ڇڏيندو.


۽ يسوع چين تہ اوهان ڪڏهن پاڪ ڪتاب ۾ نہ پڙهيو آهي ڇا تہ ”جنهن پهڻ کي اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي ڪنڊ جو سرو ڪيو ويو، هي خداوند جي طرفان ٿيو، ۽ اسان جي نظر ۾ بہ عجب جهڙي ڳالهہ آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ