Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 48:42 - Sindhi Bible

42 ۽ موآب قوم ٿيڻ کان ناس ڪيو ويندو، ڇالاءِ جو هن پاڻ کي خداوند جي مقابلي ۾ وڏو ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

42 موآب وارا قوم جي حيثيت ۾ وري نہ اُسرندا، ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند کان پاڻ کي مٿاهون ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 48:42
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مغروري موت کان اڳي ٿي هلي، ۽ هٺيلي دل ڪرڻ کان اڳي.


پر هاڻي خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مزورن جي سالن جهڙن ٽن سالن جي اندر موآب جي وڏائي، ۽ ان جي وڏي جماعت نفرت جهڙي ڪئي ويندي؛ ۽ جيڪي باقي بچندا سي تمام ٿورا، ۽ ڪين جهڙا ليکيا ويندا.


تو ڪنهن جي ملامت ڪئي آهي، ۽ ڪنهن جي بابت ڪفر بڪيو اٿيئي؟ تو ڪنهن جي برخلاف پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي، ۽ پنهنجون اکيون مٿي کنيون اٿيئي؟ اسرائيل جي قدوس جي برخلاف!


ڇالاءِ جو ارام جي گادي جو هنڌ دمشق آهي، ۽ دمشق جو سردار رضين آهي: ۽ پنجهٺ ورهين اندر افرائيم اهڙو ڀڄي پرزا پرزا ٿي ويندو جو هڪڙي قوم ٿي نہ رهندو:


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي بچائڻ لاءِ آءٌ تو سان آهيان، ۽ جن قومن ۾ مون توکي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو آهي، تن جو آءٌ پوريءَ طرح خاتمو ڪندس، ۽ آءٌ توکي اصل چٽ نہ ڪندس؛ پر آءٌ توکي انصاف سان سيکت ڏيندس، ۽ ڪنهن بہ طرح توکي بي سزا ڇڏي نہ ڏيندس.


موآب جي تعريف اڳتي نہ ٻڌبي: حسبون ۽ انهي جي برخلاف خرابي رٿي اٿن، اچو تہ اُن کي قوم ٿيڻ کان ڪپي ڇڏيون، اي مدمين، تون بہ چپ ڪرايو ويندين؛ ترار تنهنجي پٺيان پوندي.


۽ اوهان پنهنجي وات سان منهنجي مقابلي ۾ پنهنجي وڏائي ڪئي آهي، ۽ منهنجي برخلاف گهڻيون ڳالهيون ڪيون اٿوَ: اهي سڀ مون ٻڌيون آهن.


۽ بادشاهہ پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو؛ ۽ هو پاڻ پڏائيندو، ۽ سڀني معبودن کان پاڻ کي وڏو چوائيندو، ۽ خدائن جي خدا جي برخلاف حيرت جهڙيون ڳالهيون ڪندو: ۽ هو اقبال وارو ٿيندو، جيستائين ڪ ڪاوڙ پوري ٿيندي؛ ڇالاءِ جو جيڪي ٺهرايو ويو آهي سو ضرور ڪرڻ ۾ ايندو.


ڇالاءِ جو جهڙيءَ طرح اوهين عيب جوئي ڪندا، تهڙيءَ طرح اوهان جي بہ عيب جوئي ٿيندي. ۽ جنهن ماپ سان اوهين مئي ڏيندا، تنهن سان اوهان کي بہ مئي ملندو.


۽ جيڪو معبود ٿو سڏجي، يا جنهن جي پرستش ٿي ٿئي، تنهن کان هو پاڻ کي وڏو ٿو ڄاڻي، ۽ مخالفت ٿو ڪري؛ ايتري قدر جو هو خدا جي هيڪل ۾ ويهي پاڻ کي خدا ٿو سڏائي.


۽ هن پنهنجو وات کوليو، انهي لاءِ تہ خدا جي نسبت ۾ ڪفر بڪي، يعني سندس نالي ۽ سندس خيمي جي نسبت ۾ ڪفر بڪي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ