Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 48:39 - Sindhi Bible

39 ڪيئن نہ اُهو ڀڃي ڇڏيو ويو آهي! ڪيئن نہ هو واويلا ڪن ٿا! ڪيئن نہ موآب شرم کان پٺ ورائي آهي! انهي طرح موآب سڀني آس پاس وارن جي لاءِ کل ۽ خوف جو سبب ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

39 آہ! اهو ڪيئن نہ ڀڃي ڀورا ڪيو ويندو! موآب وارا ڪيئن نہ واءِ‌ويلا ڪري روئندا. آہ! موآب ڪيئن نہ خوار خراب ڪيو ويندو! موآب تي اهڙي تہ ڀيانڪ بربادي اچي ڪڙڪندي، جو سندس سڀيئي آس‌پاس واريون قومون مٿس کِلَ ٺٺوليون ڪنديون. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 48:39
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ موآب ڪموس جي ڪري اهڙو شرمندو ٿيندو، جهڙو اسرائيل جو گهراڻو بيت ايل جي ڪري ٿيو هو، جنهن تي هنن جو ڀروسو هو.


اوهين سڀ، جي اُن جي آس پاس آهيو سي اُن تي افسوس ڪريو، ۽ اوهين سڀ جي ان جي نالي جا واقف آهيو سي چئو تہ اها مضبوط لٺ، اهو سهڻو ڏنڊو ڪيئن نہ ڀڄي پيو آهي.


جيڪو شهر ماڻهن سان ڀريل هوندو هو، سو ڪيئن نہ اڪيلو ويٺو آهي! اهو ڪيئن نہ بيوہ زال جهڙو ٿي پيو آهي! جا قومن ۾ وڏي هئي، ۽ ملڪن ۾ شهزاديءَ جي درجي تي هئي، سا ڪيئن نہ ڍل ڀريندڙ ٿي پيئي آهي!


خداوند صيون جي ڌيءَ کي پنهنجي ڪاوڙ جي بادل سان ڪيئن نہ ڍڪي ڇڏيو آهي! هن اسرائيل جي سونهن آسمان مان هيٺ زمين تي اُڇلائي وڌي آهي، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي ڏينهن پنهنجي پيرن جي صندليءَ کي ياد نہ ڪيو اٿس.


سون ڪيئن نہ جهڪو ٿي ويو آهي! تمام خالص سون ڪيئن نہ بدلجي ويو آهي! پاڪ مڪان جا پٿر سڀ ڪنهن گهٽيءَ جي چوٽيءَ تي اُڇليا ويا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ