Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 48:36 - Sindhi Bible

36 تنهن ڪري منهنجي دل موآب لاءِ، ۽ قيرحرس جي ماڻهن لاءِ بانسرين وانگي ٿي وڄي: تنهن ڪري جيڪو مال هن گڏ ڪيو هو سو چٽ ٿي ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 منهنجي دل قيرحراست بلڪ سڄي موآب جي ماڻهن لاءِ سرندي جي ماتمي سر وانگر ٿي روئي، ڇاڪاڻ تہ سندن هر طرح جو گڏ ڪيل مال متاع چٽ ٿي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 48:36
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن شهر ڊاهي ڇڏيا: ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ زمين جي سڀ ڪنهن چڱي ٽڪر تي پٿر اُڇلائي اُهو ڀري ڇڏيو، ۽ هنن پاڻيءَ جا سڀ چشما بند ڪري ڇڏيا، ۽ سڀ چڱا وڻ وڍي ڇڏيائون: نيٺ ائين ٿيو جو رڳو قيرحراست ۾ هنن ڪجهہ پٿر ڇڏي ڏنا؛ پر کانڀاڻين وارن انهيءَ جي چوڌاري وڃي انهن کي ماريو.


دولت غضب جي ڏينهن ڪنهن بہ ڪم نہ ٿي اچي: پر سچائي موت کان ڇڏائي ٿي.


چڱو ماڻهو پنهنجي اولاد جي اولاد لاءِ بہ ورثو ڇڏي ٿو؛ پر گنهگارن جي دولت سچن جي لاءِ سانڍي رکيل آهي.


دولت مند ماڻهوءَ جي دولت سندس مضبوط شهر آهي، ۽ سندس خيال ۾ هڪڙي وڏي ڀت آهي.


منهنجي دل موآب لاءِ دانهون ڪري ٿي؛ ان جا سردار ضغر تائين، ۽ عجلت شليشياہ ڏي ڀڄي وڃن ٿا: هو لوحيت جي چاڙهيءَ تائين رئندا مٿي وڃن ٿا؛ هو حورونايم جي رستي تي موت جي دانهن ڪن ٿا.


تنهن ڪري جيڪو جهجهو مال هنن وٽ آهي، ۽ جيڪي هنن گڏ ڪري رکيو آهي سو هو بيد واريءَ نهر ڏي کڻي ويندا.


تنهن ڪري منهنجا آنڊا موآب جي لاءِ بربط وانگي آواز ڪندا، ۽ منهنجا اندريان عضوا قيرحارس لاءِ.


آسمان تان هيٺ نهار، ۽ پنهنجي پاڪ ۽ جلال واري مڪان مان ڏس، تنهنجا غيرت ۽ تنهنجا قدرت وارا ڪم ڪٿي آهن؟ تنهنجي آنڊن جي اُڪير ۽ تنهنجون رحمتون جي مون تي هيون سي روڪجي ويون آهن.


جيئن تتر انهن ٻچن کي گڏ ڪري جي پاڻ نہ ڏنا هجنس، تيئن اُهو ماڻهو آهي جو ناحق دولت حاصل ٿو ڪري، هن جي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ ئي اُها کيس ڇڏي ويندي، ۽ پڇاڙيءَ ۾ هو بيوقوف ٿيندو.


منهنجا آنڊا، منهنجا آنڊا! منهنجي دل ۾ اصل درد آهي؛ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ بي آرام آهي؛ آءٌ ماٺ ۾ رهي نٿو سگهان؛ ڇالاءِ جو اي منهنجا روح تو قرناءِ جو آواز ۽ جنگ جو نعرو ٻڌو آهي.


تنهن ڪري آءٌ موآب جي لاءِ واڪا ڪندس؛ هائو آءٌ سڄي موآب لاءِ رڙيون ڪندس؛ قيرحرس جي ماڻهن لاءِ هو ماتم ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ