Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 48:32 - Sindhi Bible

32 اي سبماہ جي ڊاک آءٌ تنهنجي لاءِ يعزير جي روڄ کان وڌيڪ رئندس: تنهنجون ٽاريون سمنڊ جي مٿان لنگهي ويون، بلڪ اُهي يعزير جي سمنڊ تائين وڃي پهتيون: تنهنجن گرمي جي ميون تي ۽ تنهنجي ڊاک جي فصل تي ليٽندڙ اچي ڪڙڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 اي موآب جي شهر سبماہ جا رهاڪؤ! آءٌ اوهان جي تباهيءَ تي انهيءَ کان بہ وڌيڪ روئندس، جيترو يعزير شهر لاءِ رنو هئس. اوهين انگورن جي اهڙيءَ ول جيان آهيو، جنهن جون ٽاريون کاري سمنڊ کان ٽپي ويون هجن، ۽ يعزير شهر تائين وڃي پهتيون هجن. ۽ ان ول ۾ انگورن جو قيمتي فصل پيدا ٿيل هجي. هاڻي ان تي تباهي مچائيندڙ هڪ لشڪر اچي ڪڙڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 48:32
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

باقي آءٌ، سو ڏسو، مصفاہ ۾ رهندس، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي ڪسدي اسان وٽ ايندا انهن جي اڳيان بيهان: پر اوهين شراب، ۽ گرميءَ جا ميوا، ۽ تيل گڏ ڪريو، ۽ اُهي پنهنجن ٿانوَن ۾ وجهو، ۽ جي شهر اوهان ورتا آهن تن ۾ رهو.


موآب ويران ٿي ويو آهي ۽ هو ان جي شهرن ۾ چڙهي ويا آهن، ۽ ان جا چونڊيل جوان مرد قتلام لاءِ لهي ويا آهن: ائين اُهو بادشاهہ ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.


اي ڌيءُ، تون جا ديبون ۾ ٿي رهين، سا پنهنجي وڏائيءَ تان هيٺ لهي اچ، اُڃايل ٿي ويهہ؛ ڇالاءِ جو موآب جي لٽڻ ڦرڻ وارو توتي ڪاهي آيو آهي، هن تنهنجا مضبوط ڪوٽ ناس ڪري ڇڏيا آهن.


۽ لٽ ڪرڻ وارو سڀ ڪنهن شهر تي ڪاهي ايندو، ۽ ڪوبہ شهر بچي نہ ويندو؛ وادي ناس ٿيندي ۽ ميدان بہ چٽ ٿيندو؛ جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي.


۽ موسيٰ يعزير شهر جي جاسوسيءَ لاءِ ماڻهو موڪليا، ۽ هنن انهي جا شهر وڃي هٿ ڪيا، ۽ جيڪي اموري اتي هئا، تن کي هڪالي ڪڍيائون.


هاڻي بني روبن ۽ بني جد وٽ چوپايو مال تمام گهڻو هو: سو جڏهن انهن يعزير ۽ جلعاد جي زمين ڏٺي، ۽ سمجهيائون تہ اهو هنڌ چوپائي مال جي لائق آهي؛


عطارات، ۽ ديبون، ۽ يعزير، ۽ نمرہ، ۽ حسبون، ۽ اليعا ۽ شبام، ۽ نبو، ۽ بعون جو ملڪ،


عطرات شوفان، يعزير، يگبها؛


نبو ۽ بعل معون، (جن جا نالا بدلائي ڇڏيائون) ۽ شبماہ جا شهر جوڙيا: ۽ جيڪي شهر جوڙيائون، تن کي ٻيا نالا ڏنائون.


۽ قريٿائم، ۽ سبماہ، ۽ ضرٿ السحر، جو واديءَ جي ٽڪر تي آهي؛


۽ انهن جي حد هئي يعزير ۽ جلعاد جا سڀ شهر، ۽ بني عمون جي اڌ زمين، عروعير تائين، جو ربہ جي سامهون آهي.


حسبون ٻهراڙيءَ سميت، يعزير، ٻهراڙيءَ سميت؛ چار شهر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ