Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 48:3 - Sindhi Bible

3 حورونايم مان دانهن جو آواز ٿو اچي! لٽ ڦر ۽ وڏي مصيبت!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 حورونايم شهر مان رڙين جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو تہ ’هاءِ! اسين برباد ٿي وياسين. هاءِ! اسين تباهہ ٿي وياسين.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 48:3
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيت ۽ ديبون مٿانهين جاين ڏي روئڻ لاءِ ويا: نبو، ۽ ميدبا تي موآب واويلا ٿو ڪري: هنن سڀني جا مٿا ڪوڙيل آهن، ۽ سڀڪا ڏاڙهي ڪتريل آهي.


منهنجي دل موآب لاءِ دانهون ڪري ٿي؛ ان جا سردار ضغر تائين، ۽ عجلت شليشياہ ڏي ڀڄي وڃن ٿا: هو لوحيت جي چاڙهيءَ تائين رئندا مٿي وڃن ٿا؛ هو حورونايم جي رستي تي موت جي دانهن ڪن ٿا.


ڇالاءِ جو موآب جي سرحدن جي چوڌاري رڙ پئجي ويئي آهي؛ انهيءَ جي واويلا اجلائم ۽ بيرايليم تائين پهچي وئي آهي.


تنهن ڪري مون چيو تہ مون ڏي نہ نهاريو؛ آءٌ زار زار رئندس. مون کي پنهنجيءَ قوم جي ڌيءَ جي لٽجڻ ڪري تسلي ڏيڻ لاءِ تڪليف نہ ڪريو.


ڀلي تہ اهو ماڻهو اُنهن شهرن جهڙو ٿئي، جنهن کي خداوند اونڌو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ انهي کان پشيمان نہ ٿيو: ۽ ڀلي تہ اُهو صبح جو دانهن ۽ ٻنپهرن جو خوف جي خبر ٻڌي؛


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُتر مان پاڻي چڙهندو اچي، ۽ هڪڙي اُٿلندڙ نهر ٿيندو ۽ ملڪ کي ۽ جيڪي اُن ۾ آهي، شهر توڙي ماڻهو، جي انهن ۾ رهن ٿا، تن سڀني کي اُٿلي ٻوڙي ڇڏيندو؛ ۽ ماڻهو دانهون ڪندا، ۽ انهي ملڪ جا سڀ رهاڪو رڙيون ڪندا.


حسبون جي دانهن کان وٺي اليعالہ تائين، بلڪ يهض تائين، ۽ ضغر کان وٺي حورونايم، ۽ عجلت شليشياہ تائين، هنن رڙيون ڪيون آهن: ڇالاءِ جو نمريم جا پاڻي بہ ويران ٿي ويندا.


موآب ناس ٿي ويو آهي؛ ان جي ننڍڙن ٻارن جي دانهن پئي ٻڌجي.


ڇالاءِ جو لوحيت جي چاڙهيءَ کان هو رئندا مٿي ويندا؛ حورونايم جي لاهيءَ تي هنن موت جي دانهن جو ڏک ڀريو آواز ٻڌو آهي.


بابل مان دانهن جو، ۽ ڪسدين جي زمين مان وڏي تباهي جو آواز ٿو ٻڌجي!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ