Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 48:28 - Sindhi Bible

28 اي موآب جا رهاڪو، شهرن کي ڇڏي وڃي ٽڪر ۾ رهو؛ ۽ انهي ڪبوتر جهڙا ٿيو جو غار جي منهن جي پاسن ۾ پنهنجو آکيرو جوڙي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 اي موآب جا رهاڪؤ! شهرن کي ڇڏي وڃي ٽڪرن منجھہ رهو. هائو، انهيءَ ڪبوتر جيان پنهنجي حفاظت ڪريو، جيڪو غار واري پناهہ‌گاهہ ۾ پنهنجو آکيرو ٺاهيندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 48:28
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ٻيا ست ڏينهن ترسي ڪبوتر اُڏايائين، جو وري وٽس ڪونہ آيو.


اي منهنجي ڪبوتري، تون جا ٽڪر جي ڦاٽن ۾، ۽ اُڀ ڪپري واري جاءِ جي اوٽ ۾ آهين، پنهنجي شڪل ڏيکار. پنهنجو آواز ٻڌاءِ؛ ڇالاءِ جو تنهنجو آواز مٺو آهي، ۽ تنهنجي شڪل سهڻي آهي.


۽ ماڻهو ٽڪرن جي غارن ۾، ۽ زمين جي چرن ۾، خداوند جي هيبت جي اڳيان، ۽ سندس وڏائيءَ جي جلال کان وڃي لڪندا، جنهن وقت هو زمين کي سخت لوڏن ڏيڻ لاءِ اُٿندو.


موآب کي کنڀ ڏيو تہ اُڏامي وڃي، ۽ ان جا شهر اهڙا ويران ٿيندا جو ڪوبہ انهن ۾ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.


باقي تنهنجي دهشت بابت، تون جا ٽڪر جي چرن ۾ رهين ٿي، ۽ ٽڪريءَ جي چوٽي جهلين ٿي، تنهنجي دل جي مغروريءَ توکي ٺڳيو آهي: خداوند ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجو آکيرو ايترو مٿي کڻي جوڙين جيترو عقاب جوڙيندو آهي تہ بہ آءٌ توکي اُتان هيٺ آڻيندس.


اي ديدان جا رهاڪو، ڀڄي وڃو، پٺ تي موٽو، ڳجهين جاين ۾ وڃي رهو؛ ڇالاءِ جو جنهن وقت آءٌ خبر لهڻ ايندس تنهن وقت انهي تي عيسو جي آفت آڻيندس.


۽ مديانين جو هٿ اسرائيل تي غالب پيو: مديانين جي ڪري، بني اسرائيل پنهنجي لاءِ جبلن ۾ چرون، ۽ غار، ۽ مضبوط پناهہ جون جايون جوڙيون.


جڏهن اسرائيل جي ماڻهن ڏٺو تہ ڏاڍا تنگ اچي ٿيا آهيون (ڇالاءِ جو اُهي ماڻهو ڏاڍي تڪليف ۾ هئا) تڏهن هنن پاڻ کي غارن، ۽ گهاٽن جهنگن، ۽ ٽڪرن، ۽ ڏرن، ۽ کڏن ۾ لڪايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ