24 ۽ قريوت، ۽ بصراہ، ۽ موآب جي سڀني ويجهن ۽ پرانهن شهرن تي.
24 قريوت ۽ بُصراہ. موآب جي سڀني ويجھن توڙي ڏورانهن شهرن تي اها سزا نازل ٿيندي.
بلع جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي بصراہ واري زارح جي پٽ يوباب بادشاهي ڪئي.
هي ڪير آهي جو ادوم کان ٿو اچي، ۽ قرمزي ڪپڙا پائي بصراہ کان ٿو اچي؟ اهو جنهن جي پوشاڪ شاندار آهي، ۽ جو ڏاڍي زور سان ٿو هلي؟ اهو آءٌ آهيان، جو راستبازيءَ سان ٿو ڳالهايان، ۽ بچائڻ لاءِ قادر آهيان.
قريوت وٺجي ويو آهي، ۽ مضبوط قلعا اوچتا هٿ ڪيا ويا آهن، ۽ موآب جي بهادر مردن جي دل انهي ڏينهن اهڙي ٿيندي جهڙي سورن واري زال جي دل.
ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجي ذات جو قسم کنيو آهي تہ بصرہ، حيرت، ۽ ملامت، ۽ ويرانيءَ، ۽ لعنت جو سبب ٿيندو؛ ۽ ان جا سڀ شهر هميشہ لاءِ ويران رهندا.
پر آءٌ موآب تي باهہ موڪليندس ۽ اُها قريوت جا محلات ساڙيندي؛ ۽ موآب گوڙ گڙٻڙ سان، رڙين سان ۽ قرناءِ جي آواز سان مرندو.
يعني بني روبن جي لاءِ بضر، جو بيابان جي وچ ۾ ميدان ۾ آهي؛ ۽ بني جد جي لاءِ رامات، جو جلعاد ۾ آهي؛ ۽ بني منسيءَ جي لاءِ جولان، جو بسن ۾ آهي.
۽ روبن جي فرقي مان، بصر، ٻهراڙيءَ سميت؛ ۽ يهصہ، ٻهراڙيءَ سميت،