Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 48:18 - Sindhi Bible

18 اي ڌيءُ، تون جا ديبون ۾ ٿي رهين، سا پنهنجي وڏائيءَ تان هيٺ لهي اچ، اُڃايل ٿي ويهہ؛ ڇالاءِ جو موآب جي لٽڻ ڦرڻ وارو توتي ڪاهي آيو آهي، هن تنهنجا مضبوط ڪوٽ ناس ڪري ڇڏيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 اي موآب جي شهر ديبون جا رهاڪؤ! اوهين پنهنجو مان مرتبو ڇڏي، ڌرتيءَ جي خاڪ تي اچي ويهو. انهيءَ سبب جو موآب ۾ تباهي مچائيندڙ لشڪر اوهان تي بہ اچي ڪڙڪندو، ۽ اوهان جا مضبوط ڪوٽ قلعا ڪيرائي ناس ڪري ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 48:18
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پاڻ هن جي سامهون تير جي ڌڪ جيترو پري وڃي ويهي رهي؛ ڇالاءِ جو چيائين تہ ٻار کي مرندو نہ ڏسان. سو انهيءَ جي سامهون ويهي زاروزار روئڻ لڳي.


۽ اتي ماڻهو پاڻيءَ لاءِ حيران ٿيڻ لڳا، ۽ موسيٰ جي برخلاف ڪُرڪڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ تو اسان کي مصر مان انهيءَ لاءِ آندو آهي ڇا، تہ اسين، ۽ اسان جا ٻار، ۽ اسان جو چوپايو مال، اُڃ جي ڪري مرون؟


بيت ۽ ديبون مٿانهين جاين ڏي روئڻ لاءِ ويا: نبو، ۽ ميدبا تي موآب واويلا ٿو ڪري: هنن سڀني جا مٿا ڪوڙيل آهن، ۽ سڀڪا ڏاڙهي ڪتريل آهي.


اي بابل جي ڪنواري ڌيءَ، هيٺ لهي مٽيءَ تي ويهہ؛ اي ڪسدين جي ڌيءَ، تخت تان لهي پٽ تي ويهہ: ڇالاءِ جو تون اڳتي نازنين ۽ نازڪ نہ سڏبينءَ.


تنهن ڪري منهنجي قوم قيد ۾ ويئي آهي، يعني علم نہ رکڻ ڪري: ۽ انهن جا آبرو وارا ماڻهو بک ٿا مرن، ۽ انهن جا عام ماڻهو اُڃ سان پاهہ ٿا ٿين.


۽ ديبون، ۽ نبو، ۽ بيت دبلتايم تي؛


۽ هاڻي اُها بيابان ۾ هڪڙي خشڪ ۽ اُڃايل زمين ۾ پوکي ويئي آهي.


اسان هنن تي تير هنيا آهن؛ ۽ حسبون ديبون تائين تباهہ ٿي ويو آهي، اسان ملڪ کي نفع تائين ويران ڪيو آهي، اهو نفع، جو ميدبا تائين آهي.


عطارات، ۽ ديبون، ۽ يعزير، ۽ نمرہ، ۽ حسبون، ۽ اليعا ۽ شبام، ۽ نبو، ۽ بعون جو ملڪ،


حسبون ۽ ان جا جيڪي شهر ميدان ۾ آهن؛ ديبون، ۽ باماٿ بعل، ۽ بيٿ بعل معون،


يعني عروعير، جو ارنون جي واديءَ جي ڪناري تي آهي، ۽ جيڪو شهر واديءَ جي وچ ۾ آهي، ۽ ميدبا جو سارو ميدان، جو ديبون تائين آهي؛


۽ هن کي ڏاڍي اُڃ لڳي، ۽ خداوند کي پڪاري چيائين تہ تو پنهنجي ٻانهي جي هٿان هڪڙو وڏو ڇوٽڪارو ڏنو آهي: ۽ هاڻي آءٌ اُڃ کان مري وڃان، ۽ اڻ طهريلن جي هٿن ۾ وڃي پوان ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ