16 موآب جي مصيبت اچي ويجهي پئي آهي، ۽ ان جي ڪمبختي تڪڙي تڪڙي پئي اچي.
16 موآب جو زوال اچي پهتو آهي، هائو، ان جي تباهي تمام تيزيءَ سان وڌندي پئي اچي.
تان جو هڪڙو تير هن جي جگر مان لنگهي وڃي ٿو؛ جيئن ڪو پکي ڊوڙي وڃي دام ۾ پوي، ۽ خبر نہ پويس تہ اهو سندس ساهہ لاءِ آهي.
۽ انهن جي قلعن ۾ بگهڙ رڙيون ڪندا، ۽ انهن جي فرحت جهڙن محلاتن ۾ گدڙ اونائيندا: ۽ اُن جو وقت ويجهو آيو آهي ۽ ان جا ڏينهن گهڻا نہ ٿيندا.
تڏهن خداوند مون کي چيو تہ تو چڱو ڏٺو آهي: ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي ڪلام کي پوري ڪرڻ لاءِ اُن جي سنڀال ٿو ڪريان.
تنهنڪري تون هنن کي چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ اها چوڻي بند ڪرائيندس، ۽ اُها اسرائيل ۾ وري پهاڪي وانگر ڪم نہ آڻيندا؛ پر تون انهن کي چئُہ، تہ ڏينهن ويجها آهن ۽ سڀ ڪنهن رويا جي پورائي ٿيندي.
تنهنڪري هن کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجين ڳالهين مان ڪنهن ۾ بہ هاڻي دير نہ ٿيندي، پر خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪو ڪلام آءٌ ڪندس سو ضرور پورو ٿيندو.
وير وٺڻ، ۽ بدلو ڏيڻ منهنجو ڪم آهي، جڏهن انهن جو پير ترڪندو؛ ڇالاءِ جو انهن جي مصيبت جو ڏينهن ويجهو آهي، ۽ جيڪي حادثا انهن تي اچڻا آهن سي جلد ايندا.
۽ اهي لالچ جي ڪري ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهي اوهان مان فائدو حاصل ڪندا. ۽ انهن جي بابت قديم زماني کان وٺي جيڪا سزا جي فتويٰ مليل آهي، سا وڌيڪ مهمل نہ رهندي، ۽ سندن بربادي ويجهي آئي آهي.