14 اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ اسين بهادر مرد ۽ جنگ جي لاءِ پهلوان آهيون؟
14 اي موآب وارؤ! اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ ’اسين جوڌا جوان ۽ جنگي سورما آهيون‘؟
منهنجو ڀروسو خداوند تي آهي، اوهين منهنجيءَ جان کي ڪيئن ٿا چئو تہ پکيءَ وانگي پنهنجي جبل ڏانهن اُڏامي وڃ؟
اهڙو ڪوبہ بادشاهہ ڪونهي جو پنهنجي گهڻي لشڪر جي ڪري بچي وڃي: ۽ نڪو اهڙو بهادر آهي جو پنهنجي گهڻيءَ طاقت جي ڪري ڇٽي وڃي.
آءٌ موٽي آيس ۽ ڏٺم تہ سج هيٺان شرط جلد ڊوڙڻ وارو نٿو کٽي، ۽ نہ جنگ ڏاڍو ٿو کٽي، نڪي وري ماني ڏاهي کي ٿي ملي، نڪي دولت سمجهہ وارن ماڻهن کي ٿي حاصل ٿئي، نڪي عزت هنرمند ماڻهن کي نصيب ٿي ٿئي؛ پر سڀني سان وقت ۽ اتفاق لاڳو ٿو ٿئي.
ڇالاءِ جو هن چيو آهي تہ مون پنهنجي هٿ جي زور سان ۽ پنهنجي ڏاهپ سان ائين ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو آءٌ سياڻو آهيان: ۽ مون قومن جون حدون پاسي ڪيون آهن، ۽ انهن جا خزانا ڦريا اٿم، ۽ جيڪي تختن تي ويٺا آهن، تن کي بهادر مرد وانگي هيٺ لاٿو اٿم:
تنهن ڪري خداوند، لشڪرن جو خداوند، پنهنجن ٿلهن متارن ۾ ڏٻرائي موڪليندو؛ ۽ پنهنجي جلال جي بدران باهہ جي ساڙي وانگي هڪڙو ساڙو ڀڙڪائيندو.
اسان موآب جي مغروريءَ جو ٻڌو آهي؛ بلڪ هن جي بيحيائي، ۽ هن جي هٺ، ۽ هن جي ڪاوڙ جو؛ هن جون ٻٽاڪون ڪي بہ ڪين آهن.
باقي تنهنجي دهشت بابت، تون جا ٽڪر جي چرن ۾ رهين ٿي، ۽ ٽڪريءَ جي چوٽي جهلين ٿي، تنهنجي دل جي مغروريءَ توکي ٺڳيو آهي: خداوند ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجو آکيرو ايترو مٿي کڻي جوڙين جيترو عقاب جوڙيندو آهي تہ بہ آءٌ توکي اُتان هيٺ آڻيندس.
اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ اسين ڏاها آهيون ۽ خداوند جي شريعت اسان وٽ آهي؟ پر ڏس، ڪاتبن جي ڪوڙي قلم ڪوڙ ڪمايا آهن.
خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏاهو ماڻهو پنهنجي ڏاهپ تي فخر نہ ڪري، نڪي زور وارو ماڻهو پنهنجي زور تي فخر ڪري، نڪي دولتمند ماڻهو پنهنجي دولت تي فخر ڪري:
خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي مصر کي مدد ڪن ٿا سي بہ ڪِرندا، ۽ ان جي طاقت جو فخر بہ هيٺ لهندو: خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مجدال کان وٺي اسوان تائين هو ترار سان انهي ۾ ڪِرندا.
اهو سندن مغروريءَ جي سبب ٿيندو، ڇالاءِ جو هنن لشڪرن جي خداوند جي اُمت جي برخلاف طعنا هنيا آهن ۽ پاڻ کي وڏو چوايو اٿن.