Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 48:13 - Sindhi Bible

13 ۽ موآب ڪموس جي ڪري اهڙو شرمندو ٿيندو، جهڙو اسرائيل جو گهراڻو بيت ايل جي ڪري ٿيو هو، جنهن تي هنن جو ڀروسو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 پوءِ موآب وارا پنهنجي معبود ڪموس جي ڪري اهڙا تہ خوار خراب ٿيندا، جيئن اسرائيل وارا بيت‌ايل واري معبود جي ڪري ٿيا هئا، جنهن تي هنن توڪل رکيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 48:13
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ صيدونين جي ديوي عستارات، ۽ موآب جي معبود ڪموس، ۽ بني عمون جي معبود ملڪوم کي سجدو ڏنو آهي؛ ۽ هو منهنجن رستن تي نہ هليا آهن، ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ چڱو آهي سو نہ ڪيو اٿن، ۽ نہ منهنجن قاعدن، ۽ منهنجن فيصلن جي سنڀال ڪئي اٿن، جيئن هن جي پيءُ دائود ٿي ڪئي.


تڏهن سليمان يروشلم جي اڳيان جيڪو جبل آهي، تنهن ۾ موآب جي بت ڪموس لاءِ، ۽ بني عمون جي بت مولڪ لاءِ، هڪڙي مٿانهين جاءِ جوڙائي.


۽ ايلياہ هنن کي چيو تہ بعل جي نبين کي پڪڙيو؛ جيئن هڪڙو بہ نہ ڀڄي وڃي. ۽ اُنهن کي پڪڙيائون: ۽ ايلياہ هنن کي وٺي قيسون نهر تي آندو، ۽ اُتي هنن کي قتل ڪيائين.


انهيءَ ڪري خداوند جي ڪاوڙ امصياہ تي ڀڙڪي ۽ هن ڏانهس هڪڙو نبي موڪليو جنهن چيس تہ تون ڇالاءِ انهن ماڻهن جي معبودن جو طالب ٿيو آهين، جن خود پنهنجي قوم کي تنهنجن هٿن مان نہ ڇڏايو آهي؟


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن موآب پاڻ کي حاضر ڪندو ۽ جڏهن هو مٿانهين جاءِ تي پاڻ کي ٿڪائيندو، ۽ پنهنجي پاڪ مڪان ۾ دعا گهرڻ لاءِ ايندو تہ هو فتحياب نہ ٿيندو.


انهي ڏينهن انسان پنهنجا چانديءَ جا بت، جي پوڄڻ واسطي پنهنجي لاءِ جوڙيا هئائين، سي ڇڇوندر ۽ چمڙن جي اڳيان اُڇلائي ڇڏيندو؛


اهي شرمندا ٿيندا، هائو، اهي سڀ پشيمان ٿيندا: جيڪي بتن جوڙڻ وارا آهن، سي سڀ منجهي پوندا.


اوهين گڏجي اچو؛ اوهين جي قومن مان بچي نڪتا آهيو سي گڏ ٿي ويجها اچو: جيڪي پنهنجيءَ اُڪريل مورت جو ڪاٺ ٿا کڻن، ۽ انهيءَ معبود کان دعا ٿا گهرن جو بچائي نٿو سگهي، سي بي سمجهہ آهن.


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ اُن ڏي اُهي موڪليندس جي اوتڻ وارا آهن، ۽ اُهي هن کي اوتي وهائي ڇڏيندا، ۽ هن جا ٿانوَ خالي ڪري ڇڏيندا، ۽ هنن جون صراحيون ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندا.


ڪيئن نہ اُهو ڀڃي ڇڏيو ويو آهي! ڪيئن نہ هو واويلا ڪن ٿا! ڪيئن نہ موآب شرم کان پٺ ورائي آهي! انهي طرح موآب سڀني آس پاس وارن جي لاءِ کل ۽ خوف جو سبب ٿيندو.


اي موآب، افسوس آهي تنهنجي حال تي! ڪموس جي قوم نيست نابود ٿي ويئي: ڇالاءِ جو تنهنجا پٽ قيد ٿي ويا آهن، ۽ تنهنجون ڌيئون بند ۾ آهن.


ڇالاءِ جو پنهنجن ڪمن ۽ پنهنجن خزانن تي ڀروسي رکڻ ڪري تون گرفتار ٿيندين: ۽ ڪموس، پنهنجن ڪاهنن ۽ پنهنجي اميرن سميت، قيد ٿي هليو ويندو.


جيڪي تنهنجي معبود ڪموس توکي ورثو ڪري ڏنو آهي سو تون جيڪر هٿ نہ ڪرين ڇا؟ انهي طرح جنهن کي خداوند اسان جي هٿان ڦرايو آهي، تن کي اسين ضرور هٿ آڻينداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ