Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 48:10 - Sindhi Bible

10 لعنت هجي انهي تي جو خداوند جو ڪم بي پرواهيءَ سان ٿو ڪري، ۽ لعنت هجي انهي تي جو پنهنجي ترار کي خون وهائڻ کان روڪي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 هاڻ جيڪو خداوند جي انهيءَ ڪم ۾ غفلت ڪندو سو لعنتي ٿيندو. هائو، جيڪو پنهنجيءَ تلوار کي خون وهائڻ کان روڪيندو سو لعنتي ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 48:10
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن بادشاهہ اچي لنگهيو تڏهن هن سڏ ڪيس: ۽ چيائينس تہ تنهنجو ٻانهو جنگ جي وچ ۾ گهڙي ويو؛ ۽ ڏس، هڪڙو ماڻهو پاسي تي وڃي هڪڙي ماڻهوءَ کي مون وٽ وٺي آيو ۽ چيائين تہ هن ماڻهوءَ کي قابو ڪر: جيڪڏهن ڪنهن بہ طرح هو گم ٿي ويندو تہ تنهنجي حياتي هن جي حياتيءَ جي عيوض ورتي ويندي، نہ تہ تون هڪڙو چانديءَ جو قنطار ڀري ڏجانءِ.


۽ جڏهن تنهنجو نوڪر هيڏي هوڏي ڪم ۾ لڳو تڏهن هو هليو ويو. ۽ اسرائيل جي بادشاهہ هن کي چيو تہ تنهنجو انصاف بہ اهڙو ئي ٿيندو، تو پنهنجو فيصلو پاڻ ڪيو آهي.


۽ هن چيس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جنهن ماڻهوءَ کي مون مارجڻ لاءِ ٺهرايو هو، تنهن کي تو پنهنجن هٿن مان ڇڏي ڏنو، تنهنڪري تنهنجي حياتي هن جي حياتيءَ جي عيوض ويندي، ۽ تنهنجي قوم هن جي قوم جي عيوض.


۽ خدا جو مرد هن تي ڪاوڙيو ۽ چوڻ لڳو تہ توکي پنج يا ڇهہ ڀيرا ڌڪ هڻڻ گهربو هو؛ پوءِ جيڪر ارام کي اهڙي شڪست ڏين ها، جو اُنهيءَ کي چٽ ڪري ڇڏين ها: پر هاڻي تون ارام کي رڳو ٽي ڀيرا شڪست ڏيندين.


۽ تون انهن کي چئُہ تہ خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ لعنت هجي انهيءَ ماڻهوءَ تي جو هن عهد اقرار جون ڳالهيون نٿو ٻڌي.


اي خداوند جي ترار، اڃا ڪيتري مهل کان پوءِ تون ماٺ ڪنديئن؟ تون پاڻ کي پنهنجي مياڻ ۾ وجهہ؛ آرام وٺ ۽ ماٺ ڪر.


جڏهن خداوند توکي حڪم ڏنو آهي تڏهن تون ڪيئن ماٺ ڪري سگهندينءَ؟ اسقلون تي ۽ سمنڊ جي ڪناري تي انهي کي هن مقرر ڪيو آهي.


خداوند پنهنجو صلاح خانو کوليو آهي ۽ پنهنجي ڪاوڙ جا هٿيار ڪڍي آندا اٿس: ڇالاءِ جو خداوند، لشڪرن جي خداوند کي ڪسدين جي ملڪ ۾ ڪو ڪم ڪرڻو آهي.


اُن جا سڀ ڍڳا ڪهو؛ انهن کي ڪوس لاءِ لهڻ ڏيو: ويل آهي انهن سان! ڇالاءِ جو انهن جو ڏينهن ۽ انهن جي سزا جو وقت اچي پهتو آهي.


پوءِ ترسجو نہ، پر پنهنجن دشمنن جي پٺيان پئو، ۽ جيڪي انهن مان سڀني کان پٺتي هجن، انهن کي مارجو: هنن کي سندن شهرن ۾ گهڙڻ نہ ڏجو: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جي خدا هنن کي اوهان جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.


خداوند جي فرشتي چيو تہ اوهين ميروز تي لعنت وجهو، اوهين انهن جي رهاڪن تي سخت لعنت وجهو، ڇالاءِ جو هو خداوند جي مدد لاءِ نہ آيا، يعني زور وارن سان وڙهڻ جي لاءِ خداوند کي مدد ڏيڻ واسطي.


هاڻي وڃي عماليق کي مار، ۽ جيڪي وٽن آهي سو سڀ تباهہ ڪر، ۽ اصل نہ ڇڏين؛ مردن، زالن، ٻارن، ۽ کير پياڪن، ڏاندن ۽ رڍن، اُٺن ۽ گڏهن، سڀني کي قتل ڪر.


پر سائول ۽ سندس ماڻهن اجاج کي، ۽ تمام چڱين رڍن، ۽ ڏاندن، ۽ ٿلهي متاري مال کي، ڇيلن ۽ گهيٽن کي، ۽ ٻيو جيڪي چڱو هو تنهن کي ڇڏي ڏنو، ۽ بلڪل تباهہ ڪري ڇڏڻ نہ گهريائون: پر جيڪا شيءِ بي ملهہ ۽ نڪمي هئي تنهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ