Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 47:7 - Sindhi Bible

7 جڏهن خداوند توکي حڪم ڏنو آهي تڏهن تون ڪيئن ماٺ ڪري سگهندينءَ؟ اسقلون تي ۽ سمنڊ جي ڪناري تي انهي کي هن مقرر ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 پر اُها قتلام کان ڪيئن ٿي رڪجي سگھي، جڏهن تہ مون خداوند ان کي سمنڊ ڪناري فلستي ملڪ تي يعني اسقلون ۽ ٻين شهرن تي حملي جو حڪم ڏنو آهي؟ هائو، مون انهيءَ کي اتي مقرر ڪيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 47:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ انهي کي بي دين قوم تي موڪليندس، ۽ پنهنجي ڪاوڙ واري قوم تي انهي کي حڪم ڏيندس، تہ وڃي ڦري لٽي ۽ شڪار ڪري، ۽ انهن کي وڃي گهٽين جي گپ وانگي لتاڙي.


مون پنهنجن مخصوص ڪيلن ماڻهن کي حڪم ڏنو آهي، هائو، مون پنهنجي ڪاوڙ جي لاءِ پنهنجن بهادرن کي سڏيو آهي، يعني پنهنجي فخر سان خوشي ڪندڙن ماڻهن کي.


تو ٻڌو نہ آهي ڇا تہ اڳوڻي وقت ۾ مون ڇا ڪيو، ۽ قديم زماني ۾ انهي جي رٿ ڪري ڇڏي اٿم؟ هاڻي مون اها پوري ڪئي آهي، تہ تون ڪوٽ وارن شهرن کي ڦٽائي ويرانيءَ جا ڍڳ ڪرين.


لعنت هجي انهي تي جو خداوند جو ڪم بي پرواهيءَ سان ٿو ڪري، ۽ لعنت هجي انهي تي جو پنهنجي ترار کي خون وهائڻ کان روڪي ٿو.


يا جيڪڏهن آءٌ انهي ملڪ تي ترار آڻيان ۽ چوان تہ، اي ترار، هن ملڪ مان لنگهي وڃ، انهي لاءِ تہ آءٌ انهن مان ماڻهو توڙي جانور وڍي ڇڏيان؛


تنهنڪري اي آدمزاد، تون نبوت ڪر، تاڙيون وڄاءِ، ڀلي تہ اُها ترار ٻہ، بلڪ ٽي ڀيرا هلي، جا سخت ڦٽيل جي ترار آهي: اُها ترار جا زبردست جي آهي جو سخت ڦٽيل آهي، سا هنن جي ڪوٺين ۾ گهڙندي.


انهي کي موٽائي مياڻ ۾ وجهہ. جنهن هنڌ تون پيدا ٿيو هئين، جنهن زمين ۾ تون ڄائو هئين، انهي ۾ آءٌ تنهنجي عدالت ڪندس.


اي آدمزاد، نبوت ڪر تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، ۽ چئُہ، ترار ترار، اُها تکي ڪئي ۽ چمڪائي بہ ويئي آهي.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ فلستين تي پنهنجو هٿ ڊگهو ڪندس، ۽ ڪريتين کي وڍي ڇڏيندس، ۽ سمنڊ جي ڪناري وارا باقي رهيل ماڻهو ناس ڪندس.


ڇا ڪنهن شهر ۾ قرناءِ وڄائي ويندي ۽ ماڻهو نہ ڊڄندا؟ ڪنهن شهر تي ڪا مصيبت اچي پوندي، ۽ خداوند اُها نہ موڪلي هوندي ڇا؟


خداوند جو آواز شهر کي پڪاري چوي ٿو، ۽ ڏاها ماڻهو سندس نالي کان ڊڄندا: لٺ ۽ انهي جي مقرر ڪرڻ واري جي ٻڌو.


هاڻي وڃي عماليق کي مار، ۽ جيڪي وٽن آهي سو سڀ تباهہ ڪر، ۽ اصل نہ ڇڏين؛ مردن، زالن، ٻارن، ۽ کير پياڪن، ڏاندن ۽ رڍن، اُٺن ۽ گڏهن، سڀني کي قتل ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ