Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 46:9 - Sindhi Bible

9 اي گهوڙا اوهين ڪاهي وڃو؛ ۽ اي گاڏيون، اوهين ڪڙڪو ڪريو؛ ڀلي تہ بهادر مرد وڌي اڳتي وڃن: ڪوش ۽ فوت، جي سپر کڻن ٿا؛ ۽ لودي جي ڪمان کڻن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 سندن سالارن حڪم ٿي ڪيو تہ ’اي گھوڙي سوارؤ! اوهين گھوڙن کي ڌوڪيندا هلو. اي جنگي گھوڙي گاڏين وارؤ! طوفاني رفتار سان هلو. اوهين اي سوڊان ۽ لبيا وارؤ! جيڪي ڍالون کڻندڙ آهيو، ۽ اوهين اي لود وارؤ! جيڪي تيرڪمان کڻندڙ آهيو، هائو، اي جوڌا جوانؤ! اوهين اڳتي وڌندا هلو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 46:9
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مصر مان لودي، عنامي، لهابي، نفتوحي،


حام جا پٽ هئا، ڪوش، مصر، فوطہ ۽ ڪنعان.


۽ مصر مان لودي، عنامي، لهابي ۽ نفتوحي پيدا ٿيا.


آءٌ انهن ۾ هڪڙو نشان مقرر ڪندس، ۽ جيڪي انهن مان بچندا تن کي قومن ڏانهن موڪليندس، يعني ترسيس ۽ پول، ۽ لود ڏانهن، جي ڪمان ڪشيندڙ آهن، ۽ توبل ۽ ياوان ڏانهن، ۽ ڏورانهن ٻيٽن ڏانهن، جن منهنجي ناموس نہ ٻڌي آهي، ۽ نڪي منهنجو جلال ڏٺو اٿن؛ ۽ اهي قومن ۾ منهنجو جلال ظاهر ڪندا.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسان ڏڪڻي ۽ ڊپ جو آواز ٻڌو آهي، نہ خير سلامتي جو.


هن جي زور وارن گهوڙن جي سنبن جي دٻڪي تي، هن جي گاڏين جي ڪڙڪي تي، هن جي ڦيٿن جي گوڙ تي، ماڻهو ضعيف هٿن ڪري پنهنجن ٻارن ڏي ڪنڌ ورائي نٿا نهارين؛


تير تکا ڪريو؛ سپرون قابو جهليو؛ خداوند مادين جي بادشاهہ جي روح کي چوريو آهي؛ ڇالاءِ جو هن جي رٿ آهي تہ بابل کي ناس ڪري؛ ۽ اهو خداوند جو وير وٺڻ، ۽ سندس هيڪل جو بدلو آهي.


فارس ۽ لود ۽ فوطہ جا ماڻهو تنهنجي لشڪر ۾ تنهنجا جنگي پهلوان هئا: هنن سپر ۽ جنگي توپ تو ۾ ٽنگيا هئا؛ هنن تنهنجي رونق وڌائي.


۽ هڪڙي ترار مصر تي ايندي، ۽ حبش ۾ ڏاڍو ڏک پيدا ٿيندو، جڏهن مصر ۾ ڪُٺل ڪِرندا؛ ۽ هو انهي جون جماعتون قيد ڪري وٺي ويندا، ۽ ان جا بنياد ڀڳا ويندا.


حبش، ۽ فوطہ، ۽ لود، ۽ سڀ گڏيل قومون، ۽ ڪوب، ۽ انهي زمين جا رهاڪو، جن ٻڌي ڪئي آهي، سي بہ انهن سان گڏ ترار سان ڪِرندا.


ڪوش ۽ مصر انهيءَ جو زور هئا، انهي جي حد ئي ڪانہ هئي؛ فوطہ ۽ لوبيم تنهنجا مددگار هئا؛


۽ فروگيا ۽ پمفوليہ ۽ مصر ۽ لبيا جي علائقي جا رهندڙ آهيون جو ڪرينيءَ جي طرف آهي، ۽ رومي مسافر خواہ يهودي خواہ سندن نومريد، ۽ ڪريتي ۽ عرب آهيون؛


جو اوهان کي پڇاڙيءَ تائين قائم بہ رکندو، انهي لاءِ تہ اوهين اسان جي خداوند يسوع مسيح جي ڏينهن بي عيب هجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ