8 مصر نيل نديءَ وانگي چڙهي ٿو، ۽ ان جو پاڻي ندين وانگي اُٿلي ٿو: ۽ اُهو چوي ٿو تہ آءٌ چڙهندس، ۽ زمين کي ڍڪي ڇڏيندس؛ آءٌ شهر کي ۽ ان جي ماڻهن کي ناس ڪندس.
ڳالهاءِ ۽ چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي مصر جا بادشاهہ فرعون، تون جو وڏو ازدها آهين، جو پنهنجين ندين جي وچ ۾ پيو آهين، ۽ جو چوين ٿو تہ منهنجي ندي منهنجي ملڪيت آهي ۽ اُها مون پنهنجي لاءِ جوڙي آهي، سو آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان.
اي آدمزاد، مصر جي بادشاهہ فرعون لاءِ مرثيو کڻ ۽ چئينس تہ تون قومن ۾ جوان شينهن جو مثال هئين: تہ بہ تون سمنڊ جي ازدها جهڙو آهين؛ تون پنهنجين ندين مان اوچتو نڪري ظاهر ٿيندين، ۽ پنهنجن پيرن سان پاڻيءَ ۾ ولوڙو وجهي ندين کي گندو ڪندين.
۽ هن جا پٽ جنگ ڪندا، ۽ وڏا لشڪر گڏ ڪندا، جي ڪاهي ايندا، ۽ اُٿلي پوندا ۽ لنگهي ويندا: ۽ موٽي اچي جنگ ڪندا، ۽ هن جي قلعي تائين ايندا.
انهي لاءِ ملڪ نہ ڏڪندو ڇا؟ ۽ جيڪي بہ اُن ۾ رهندا آهن، سي سڀ ماتم نہ ڪندا ڇا؟ هائو، هو نديءَ وانگي اُٿندو، ۽ مصر جي نديءَ وانگر شور ڪندو، ۽ هيٺ لهي ايندو.