3 اوهين ڍال ۽ سپر گهرائي وٺو، ۽ جنگ ڪرڻ لاءِ ويجها اچو.
3 خداوند فرمائي ٿو تہ ”مصر جا سالار پنهنجي لشڪر کي حڪم ٿا ڪن تہ ’پنهنجيون ڍالون تيار ڪريو ۽ جنگ لاءِ نڪري هلو.
هو دسترخانو وڇائين ٿا، هو پهرو بيهارين ٿا، هو کائين ٿا، هو پيئن ٿا: اي شهزادا، اوهين اُٿو ۽ سپر کي تيل مکيو.
اوهين مصر ۾ ظاهر ڪريو، ۽ مجدال ۾ پڌرائي ڪريو، ۽ نوف ۽ تحفنحيس ۾ اشتهار ڪريو: اوهين چئو تہ نڪري اچ ۽ پاڻ کي تيار رک؛ ڇالاءِ جو ترار تنهنجي آس پاس کائي ويئي آهي.
اها ڳالهہ اوهين قومن ۾ پڌري ڪريو؛ جنگ جي تياري ڪريو؛ بهادر مردن کي اُٿاريو؛ سڀني جنگي ماڻهن کي ڇڏيو تہ ويجهو اچن، ۽ جنگ ڪن.
جيڪو ڀڃي پرزا پرزا ٿو ڪري، سو تو تي چڙهي آيو آهي: جنگي سامان تيار رک، رستي تي نظر رک، پنهنجي چيلهہ ٻڌي پاڻ کي تمام مضبوط ڪر.
حملي جي وقت لاءِ پاڻي گڏ ڪر، ۽ پنهنجا قلعا مضبوط ڪر: مٽي لتاڙي گارو ٺاهہ ۽ سرن لاءِ کوُرو مضبوط ڪر.