Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 46:25 - Sindhi Bible

25 لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ نوَ واري امون، ۽ فرعون، ۽ مصر کي سندس معبودن ۽ سندس بادشاهن سان گڏ سزا ڏيندس؛ يعني فرعون کي ۽ انهي کي جي مٿس ڀروسو ٿا رکن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ نوآمون نالي شهر واري معبود آمون کي توڙي فرعون، مصر وارن، سندن معبودن، سندن اتحادي بادشاهن ۽ جيڪي فرعون تي ڀاڙين ٿا تن سڀني کي سزا ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 46:25
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو انهيءَ رات آءٌ مصر جي ملڪ مان لنگهندس، ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ پهريتا هوندا، ماڻهن جا ٻار توڙي جانورن جا ٻچا، تن سڀني کي ماري وجهندس، ۽ مصر جي سڀني ديوتائن تي فتويٰ جاري ڪندس: آءٌ خداوند آهيان.


مصر بابت ڪلام. ڏسو خداوند هڪڙي تکي بادل تي سوار ٿي مصر ۾ اچي ٿو: ۽ اُن جي حضور ۾ مصر جا بت بيحال ٿي ويندا ۽ مصر جي دل پگهرجي ويندي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ مصر جي بادشاهہ فرعون حفرع کي سندس دشمنن جي هٿ ۾ ڏيندس، ۽ انهن جي هٿ ۾ جي سندس ساهہ جا طالبو آهن؛ جيئن ڪ مون يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي سندس دشمنن ۽ سندس ساهہ جي طالب، بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جي هٿ ۾ ڏنو هو.


اي حسبون واويلا مچاءِ، ڇالاءِ جو عئي لٽجي ويو آهي؛ اي ربہ جون ڌيئرون دانهون ڪريو؛ کٿا چيلهہ سان ٻڌو. روئو پٽيو، ۽ لوڙهن اندر هيڏي هوڏي ڊوڙو؛ ڇالاءِ جو ملڪوم، پنهنجن ڪاهنن ۽ اميرن سوڌو قيد ٿي ويندو.


تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ مصر جي بادشاهہ فرعون جي برخلاف آهيان ۽ هن جون ٻانهون ڀڃندس، جيڪا مضبوط آهي سا بہ، ۽ جيڪا ڀڄي پيئي آهي سا بہ؛ آءٌ هن جي هٿان ترار ڪيرائي وجهندس.


خداوند هنن لاءِ خوفناڪ ٿيندو: ڇالاءِ جو هو زمين جي سڀني معبودن کي بک ۾ پاهہ ڪندو: سڀ ماڻهو پنهنجن ملڪن مان يعني سڀ ٻيٽ هن جي عبادت ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ