Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 46:23 - Sindhi Bible

23 خداوند ٿو فرمائي تہ هو انهي جو ٻيلو وڍي ڇڏيندا، جيتوڻيڪ انهن ۾ ڪوبہ گهڙي ڳولا ڪري نٿو سگهي: ڇالاءِ جو اُهي مڪڙن کان بہ گهڻا آهن، بلڪ بيشمار آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 هو کين ائين وڍي اڇلائين ٿا، جيئن ٻيلي ۾ واڍي وڌي ويندي آهي، پوءِ اهو ٻيلو ڪيترو بہ گھاٽو ڇو نہ هجي. اهي دشمن مڪڙن جي ڪٽڪن کان بہ گھڻا آهن، بلڪ بي‌شمار آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 46:23
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو ان جي ٻيلي جو ۽ ان جي اُپت واري ٻنيءَ جو فخر، روح توڙي جسم، ٻئي فنا ڪري ڇڏيندو: ۽ انهيءَ جو حال اهڙو ٿيندو جهڙو ڪو علم بردار ساڻو ٿي ڪري پوي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي اوهان جن ڪمن موجب سزا ڏيندس: ۽ آءٌ انهي جي ٻيلي ۾ اهڙي باهہ ٻاريندس جو جيڪي بہ ان جي آس پاس آهي تنهن سڀ کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


انهن جو آواز ڀڄندڙ نانگ وانگي ايندو، ڇالاءِ جو هو لشڪرن سان ڪوچ ڪندا، ۽ ڪاٺيرن وانگي ڪهاڙا کڻي اُن تي ڪاهي ايندا.


اي آدمزاد، پنهنجو منهن ڏکڻ ڏانهن ڪر، ۽ پنهنجو ڪلام ڏکڻ ڏانهن ڪڍ، ۽ ڏکڻ جي ميدان واري ٻيلي جي برخلاف نبوت ڪر؛


۽ آءٌ اوهان کي اُهي سال موٽائي ڏيندس جن جا فصل مڪڙ، ۽ سرا، ۽ سوٻٽ، ۽ تڏيون کائي ويون آهن، يعني اُهو وڏو لشڪر جو مون اوهان وٽ موڪليو.


ڇالاءِ جو هو پنهنجي چوپائي مال ۽ پنهنجن تنبن سان ايندا هئا، ۽ مڪڙن وانگر ميڙ ڪري ايندا هئا؛ هو پاڻ توڙي سندن اُٺ شمار کان ٻاهر هوندا هئا: ۽ هو ملڪ کي تباهہ ڪرڻ لاءِ ايندا هئا.


۽ مدياني ۽ عماليقي، ۽ سڀ اُڀرندي وارا ماڻهو واديءَ ۾ مڪڙن وانگر ميڙ ڪيو لٿا پيا هئا؛ ۽ هنن جا اُٺ اهڙا بيشمار هئا جهڙي واري، جا سمنڊ جي ڪناري تي هوندي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ