Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 46:22 - Sindhi Bible

22 انهن جو آواز ڀڄندڙ نانگ وانگي ايندو، ڇالاءِ جو هو لشڪرن سان ڪوچ ڪندا، ۽ ڪاٺيرن وانگي ڪهاڙا کڻي اُن تي ڪاهي ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 مصر وارا ائين ٿا ڀڄن، جيئن ڪو ڀڄندڙ نانگ سرڙاٽ ڪندو ويندو آهي، ڇاڪاڻ تہ دشمن لشڪر هنن ڏانهن وڌندا ٿا اچن، هائو، اهي ڪاٺيرن وانگر ڪهاڙا کڻي مٿن ڪاهيو ٿا اچن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 46:22
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُهي انهن ماڻهن وانگي پئي لڳا جي ٻيلي ۾ ڪهاڙن سان وڻن جون ٽاريون ٿا وڍن،


ڪهاڙي، انهيءَ جي اڳيان جيڪو ڪهاڙيءَ سان وڍي ٿو، ٻٽاڪ هڻندي ڇا؟ جيڪو ڪارائي هلائي ٿو تنهن سان ڪارائي ڪا وڏائي بہ ڪندي ڇا؟ ڄڻ تہ ڪو لڪڻ انهيءَ کي لوڏي جو اهو کڻي ٿو، ڄڻ تہ ڪاٺ انهيءَ کي کڻي جو ڪاٺ نہ آهي.


هائو، صنوبر جا وڻ ۽ لبنان جا ديودار توتي خوشي ظاهر ڪن ٿا، ۽ چون ٿا تہ جڏهن کان تون ڪري پيو آهين تڏهن کان ڪوبہ اسان کي وڍڻ ڪونہ آيو آهي.


۽ تون ذليل ڪيو ويندين، ۽ زمين تان ڳالهائيندين، تنهنجو ڳالهائڻ مٽيءَ منجهان ڍرو ايندو؛ تنهنجو آواز انهي ماڻهو جهڙو هوندو جنهن کي جن آيو هجي، ۽ زمين منجهان ٻڌڻ ۾ اچي، ۽ تنهنجو ڳالهائڻ مٽيءَ مان آيل ڀڻڪي وانگي هوندو.


تو پنهنجن نوڪرن جي هٿان خدا جي ملامت ڪئي آهي، ۽ چيو اٿيئي تہ آءٌ پنهنجين گهڻين جنگي گاڏين سان جبلن جي چوٽيءَ تي، لبنان جي تمام اندرين ڀاڱن ۾ آيو آهيان؛ آءٌ هن جا ڊگها ديودار ۽ عمدا صنوبر جا وڻ وڍي ڇڏيندس: ۽ آءٌ هن جي ڏورانهين چوٽيءَ تي ۽ هن جي آباد ٻنيءَ ۾ گهڙندس.


منجهس جيڪي ڀاڙي ڪيل ماڻهو آهن سي بہ آهري جي گابن وانگي آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي پٺ تي موٽيا آهن، اُهي گڏجي اُٿي ڀڳا آهن، اهي بيٺا ئي ڪين: ڇالاءِ جو سندن مصيبت جو ڏينهن اچي بيٺو آهي، يعني سندن سزا جو وقت.


خداوند ٿو فرمائي تہ هو انهي جو ٻيلو وڍي ڇڏيندا، جيتوڻيڪ انهن ۾ ڪوبہ گهڙي ڳولا ڪري نٿو سگهي: ڇالاءِ جو اُهي مڪڙن کان بہ گهڻا آهن، بلڪ بيشمار آهن.


انهي لاءِ آءٌ روئندس ۽ رڙندس، ۽ آءٌ اُگهاڙو گهمندس: آءٌ گدڙن وانگي ڪوڪون ۽ اُٺ پکين وانگي ماتم ڪندس.


قومون ڏسي پنهنجي سڄي طاقت جي ڪري شرمنديون ٿينديون: اُهي پنهنجو هٿ پنهنجي وات تي رکنديون ۽ سندن ڪن ٻوڙا ٿيندا،


اي صنوبر جا وڻ، واويلا ڪر، ڇالاءِ جو ديودار ڪري پيو آهي، ۽ شان وارا شرمندا ٿيا آهن: اي بسني بلوط، واويلا ڪر، ڇالاءِ تہ مضبوط ٻيلو ڪري پيو آهي.


پوءِ انهن سردارن هنن کي چيو تہ هي ڀلي جيئرا رهن، پر سڄي جماعت لاءِ ڪاٺيون وڍيندڙ ۽ پاڻي ڀريندڙ ٿي رهن؛ جيئن سردارن هنن سان انجام ڪيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ