Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 46:18 - Sindhi Bible

18 اُهو بادشاهہ، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي سو فرمائي ٿو، تہ منهنجي حيات جو قسم آهي، تہ جيئن تبور جبلن ۾، ۽ جيئن ڪرمل سمنڊ جي ڪناري تي، تيئن ضرور هو ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 اُهو بادشاهہ، جنهن جو نالو قادرِمطلق جيئرو خداوند آهي، سو قسم کڻي فرمائي ٿو تہ ”جيئن تبور جبل سڀني جبلن کان مٿاهون آهي، ۽ جيئن ڪرمل جبل سمنڊ کان تمام اوچو آهي، تيئن ئي اهو شخص اوهان کان زورآور آهي، جيڪو اوهان تي حملو ڪرڻ اچي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 46:18
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُتر ۽ ڏکڻ تو پيدا ڪيا آهن: تبور ۽ حرمون تنهنجي نالي ڪري خوش ٿا ٿين.


اسان جي عيوضي ڏيندڙ جو نالو، لشڪرن جو خداوند، ۽ اسرائيل جو پاڪ خدا آهي.


ڇالاءِ جو اهي پاڻ کي پاڪ شهر جا سڏين ٿا، ۽ اسرائيل جي خدا تي ڀروسو رکن ٿا؛ جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.


پر خداوند سچو خدا آهي؛ هو جيئرو خدا، ۽ دائم قائم بادشاهہ آهي: ان جي ڪاوڙ تي زمين ڏڪي ٿي، ۽ قومون ان جو غصو سهي نٿيون سگهن.


يعقوب جو حصو انهن جهڙو ناهي؛ ڇالاءِ جو خداوند سڀني شين جو خالق آهي، ۽ اسرائيل انهي جي موروثي قوم آهي: لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي.


ڏسو، هو بادل وانگي چڙهي ايندو، ۽ هن جا رٿ واچوڙي وانگي ٿيندا: هن جا گهوڙا بازن کان تکا آهن، ٻرحال اسان جا! ڇالاءِ جو اسين لٽجي وياسين!


هڪڙو شينهن پنهنجي گهاٽي جهنگ مان نڪتو آهي، يعني هڪڙو قومن کي ناس ڪندڙ: اهو پنڌ ۾ آهي، اُهو پنهنجي جاءِ تان هليو آهي؛ انهي لاءِ تہ ملڪ کي ويران ڪري، ۽ تنهنجا شهر سڃا ٿي وڃن، ۽ منجهن رهڻ وارو ڪونہ بچي.


تنهن ڪري اي يهوداہ جي سڄي قوم، اوهين جي مصر جي ملڪ ۾ رهو ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو: خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏسو، مون پنهنجي وڏي نالي جو قسم کنيو آهي تہ مصر جي سڄي ملڪ ۾ يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي واتان اڳتي وري منهنجو نالو نہ نڪرندو، ۽ ڪوبہ ڪونہ چوندو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي.


موآب ويران ٿي ويو آهي ۽ هو ان جي شهرن ۾ چڙهي ويا آهن، ۽ ان جا چونڊيل جوان مرد قتلام لاءِ لهي ويا آهن: ائين اُهو بادشاهہ ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.


سڀ ڪو ماڻهو جهنگلي ۽ بي عقل ٿي پيو آهي؛ سڀڪو سونارو پنهنجي اُڪريل مورت ڪري شرمندو ٿو ٿئي ڇالاءِ جو هن جي پلٽيل مورت ڪوڙ آهي ۽ انهن ۾ پساهہ ڪونهي.


۽ آءٌ ان جي اميرن ۽ ان جي ڏاهن ماڻهن کي، اُن جي حاڪمن ۽ ان جي نائبن کي، ۽ ان جي بهادر مردن کي نشئي ڪندس؛ ۽ هو هميشہ واري ننڊ ۾ سمهي رهندا ۽ نہ جاڳندا؛ ائين اهو بادشاهہ ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.


ڇالاءِ جو ڏس، جيڪو جبل جوڙي ٿو، ۽ واءُ پيدا ڪري ٿو، ۽ ماڻهوءَ کي سندس دل جي ڳالهہ ٻڌائي ٿو، جو صبح کي ڦيرائي اونداهي ڪري ٿو، ۽ زمين جي مٿانهين جاين تي هلي ٿو؛ خداوند، لشڪرن جو خدا انهي جو نالو آهي.


پر لعنت آهي اُنهيءَ دغاباز تي، جنهن جي گلي ۾ نر هوندي بہ هو خداوند جي لاءِ عيب واري جانور جي مڃت مڃي اُها قربان ٿو ڪري: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ وڏو بادشاهہ آهيان، ۽ منهنجو نالو قومن ۾ مهيب آهي.


نڪي زمين جو، ڇالاءِ جو اُها سندس پيرن جي صندلي آهي؛ نڪي يروشلم جو، ڇالاءِ جو اُهو وڏي بادشاهہ جو شهر آهي.


هاڻي انهي مدامي بادشاهہ، يعني غير فاني، ناديدہ، واحد خدا جي عزت ۽ جلال هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين.


قادس جو بادشاهہ، هڪڙو؛ ڪرمل واري يقنعام جو بادشاهہ، هڪڙو؛


پوءِ اُها سرحد وڃي تبور، ۽ شخصيماہ، ۽ بيت شمس تائين پهتي؛ ۽ هنن جي سرحد جي پڇاڙي وڃي يردن تي بيٺي: سورهن شهر سندن ڳوٺن سميت.


۽ هنن سيسرا کي چيو تہ ابي نوعم جو پٽ برق، تبور جي جبل ڏانهن چڙهي ويو آهي.


۽ هن ابي نوعم جي پٽ برق کي، قادس نفتاليءَ مان گهرائي چيو، تہ خداوند اسرائيل جي خدا اهڙو حڪم نہ ڏنو آهي ڇا، تہ تون تبور جبل ڏانهن وڃ، ۽ پاڻ سان بني نفتاليءَ ۽ بني زبولون جا ڏهہ هزار ماڻهو بہ وٺي وڃ؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ