Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 46:17 - Sindhi Bible

17 اُتي هو وڏي سڏ چوڻ لڳا تہ مصر جو بادشاهہ فرعون رڳو ڳالهيون آهي؛ هن مقرر ڪيل وقت کي گذاري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 پوءِ مصر جي فرعون کي ’ٻٽاڪي فرعون‘ جي لقب سان سڏيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي هٿان اهو موقعو وڃائي ڇڏيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 46:17
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بن هدد هن ڏي چوائي موڪليو تہ جيڪڏهن سامريہ جي مٽي منهنجي پٺيان ايندڙن سڀني ماڻهن جي مُٺين ڀرڻ لاءِ پوري ٿي سگهي، تہ معبود شل مون سان بہ ائين ڪن، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.


۽ اسرائيل جي بادشاهہ ورندي ڏيئي چيو تہ انهيءَ کي چئو تہ جيڪو پنهنجيءَ چيلهہ تي هٿيار ٿو ٻڌي، سو انهيءَ وانگر ٻٽاڪ نہ هڻي جو هٿيار لاهي ٿو ڇڏي.


۽ هن چيو تہ ڀلي جي هو صلح جي لاءِ نڪري آيا هجن تہ بہ اوهين هنن کي جيئرو هٿ ڪريو؛ يا جي هو جنگ لاءِ آيا هجن تہ بہ اُنهن کي جيئرو هٿ ڪريو.


تو پنهنجو واءُ لڳايو ۽ سمنڊ انهن کي ڍڪي ڇڏيو، هو زور واري پاڻيءَ ۾ شيهي وانگر ٻڏي ويا.


دشمن چيو تہ آءٌ پٺيان پوندس، آءٌ لٽ جو مال ورهائيندس، منهنجي خواهش انهن تي پوري ٿيندي. آءٌ پنهنجي ترار ڪڍندس، ۽ منهنجو هٿ انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندو.


سڀ ڪنهن شيءِ جي لاءِ موسم آهي، ۽ آسمان جي هيٺان سڀ ڪنهن ڪم جي لاءِ هڪڙو وقت مقرر آهي.


مصري انسان آهن، ۽ خدا نہ آهن؛ انهن جا گهوڙا گوشت آهن ۽ روح نہ آهن: جڏهن خداوند پنهنجو هٿ ڊگهيريندو، تڏهن جيڪو مدد ٿو ڪري سو ٿاٻڙندو، ۽ جنهن کي مدد ٿي ملي سو ڪِرندو، ۽ اهي سڀ گڏ چٽ ٿي ويندا.


ڳالهاءِ ۽ چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي مصر جا بادشاهہ فرعون، تون جو وڏو ازدها آهين، جو پنهنجين ندين جي وچ ۾ پيو آهين، ۽ جو چوين ٿو تہ منهنجي ندي منهنجي ملڪيت آهي ۽ اُها مون پنهنجي لاءِ جوڙي آهي، سو آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان.


عدن جي وڻن مان شان ۽ شوڪت ۾ تون ڪنهن جهڙو آهين؟ اڃا بہ تون عدن جي وڻن سان گڏ زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾ لاٿو ويندين: تون اڻ طهريلن جي وچ ۾، جي ترار سان ماريا ويا هوندا، تن سان گڏ پيو رهندين. خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اهو آهي فرعون، ۽ اها سندس سڄي جماعت.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ