Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 46:16 - Sindhi Bible

16 هن گهڻن کي آٿڙائي وڌو، هائو، هو هڪ ٻئي تي ڪري پيا: ۽ چوڻ لڳا تہ اُٿو تہ هن ظلم ڪندڙ ترار کان نڪري وڃي پنهنجي قوم ڏي ۽ پنهنجي وطن ڏي هلون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 پر مصري لشڪر وارا ٺوڪرون کائي هڪٻئي تي ڪرن ٿا ۽ چون ٿا تہ ’اُٿو تہ ظالم جي تلوار کان ڀڄي پنهنجي قوم ۽ پنهنجي وطن ڏانهن هلون.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 46:16
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منجهس جيڪي ڀاڙي ڪيل ماڻهو آهن سي بہ آهري جي گابن وانگي آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي پٺ تي موٽيا آهن، اُهي گڏجي اُٿي ڀڳا آهن، اهي بيٺا ئي ڪين: ڇالاءِ جو سندن مصيبت جو ڏينهن اچي بيٺو آهي، يعني سندن سزا جو وقت.


جو تکو آهي سو ڀڄي نہ وڃي، ۽ جو زور وارو آهي سو نڪري نہ وڃي؛ اُتر ۾ فرات نديءَ جي ڪنڌن تي هو آٿڙجي ڪِريا آهن.


بابل مان هاريءَ کي وڍي ڇڏيو، ۽ انهي کي بہ جو فصل لهڻ وقت ڏاٽو کڻي لابارو ڪري ٿو: ظلم ڪندڙ ترار جي ڊپ کان هنن مان هرڪو پنهنجي پنهنجي قوم ڏي ڦرندو، ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي زمين ڏانهن ڀڄندو.


اسين جيڪر بابل کي ڇُٽايون ها، پر هو نہ ڇُٽو: اُن کي ڇڏي ڏيو، هلو تہ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي ملڪ ڏي هليو هلي: ڇالاءِ جو اُن جي سزا آسمان تائين پهتي آهي، بلڪ آسمانن تائين چڙهي ويئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ