Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 46:11 - Sindhi Bible

11 اي مصر جي ڪنواري ڌيءَ، تون جلعاد ۾ وڃي ملم وٺ: گهڻيون دوائون اجايون ٿي ڪم آڻين؛ تنهنجي لاءِ ڇٽڻ ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اي مصر وارؤ! اوهين هڪ ڪنواري ڇوڪريءَ مثل آهيو، جيڪا ڀلي پنهنجي لاءِ دوا وٺڻ واسطي جِلعاد ڏانهن پيئي ڊوڙي. هائو، هوءَ طرح طرح جون دوائون ڪم ٿي آڻي، جيڪي بلڪل بي‌فائدي آهن، ڇاڪاڻ تہ هن لاءِ شفا تہ آهي ئي ڪونہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 46:11
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هو ويهي ماني کائڻ لڳا، ۽ هنن اکيون مٿي کڻي نهاريو، تہ ڇا ٿا ڏسن تہ اسماعيلين جو هڪڙو قافلو جلعاد کان ٿو اچي ۽ ساڻن گڏ اُٺن تي مصالحہ، سرهاڻيون ۽ مُر آهي، جي مصر ڏانهن کڻي ٿا وڃن.


تڏهن سندن پيءُ اسرائيل کين چيو، تہ جي ائين ئي آهي تہ هيئن ڪريو، هن ملڪ جي عمدن ميون مان ڪي پنهنجن ٻورن ۾ وجهو، ۽ ٿورو سرهو تيل، ٿوري ماکي، مصالحہ، مَر، پستا ۽ باداميون، اهي سڀ سوکڙيءَ طور انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ کڻي وڃو.


اي بابل جي ڪنواري ڌيءَ، هيٺ لهي مٽيءَ تي ويهہ؛ اي ڪسدين جي ڌيءَ، تخت تان لهي پٽ تي ويهہ: ڇالاءِ جو تون اڳتي نازنين ۽ نازڪ نہ سڏبينءَ.


۽ تون هنن کي هي ڪلام چئج، تہ منهنجون اکيون رات ڏينهن ڳوڙها پيون ڳاڙين، ۽ هو ڀلي تہ بس نہ ڪن؛ ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڪنواري ڌيءَ، هڪڙي وڏي ڦٽ سان، ۽ هڪڙي تمام وڏي زخم سان ڦٽجي پئي آهي.


پنهنجي لاءِ رستي جا نشان کڙا ڪر، پنهنجي لاءِ سونهپ جا ڪاٺ جوڙيو: شاهي رستي سان دل لڳاءِ، يعني اهو رستو جنهن تان تون وئين: اي اسرائيل جي ڪنواري موٽي اچ، تون پنهنجن هنن شهرن ڏي موٽي اچ.


اي اسرائيل جي ڪنواري آءٌ وري بہ توکي اڏيندس ۽ تون اڏبينءَ: وري تون پنهنجن کنجرين سان سينگاري ويندينءَ ۽ خوشي ڪندڙن جي ناچن سان نڪرندينءَ.


بابل اوچتو ڪري پيو آهي، ۽ ناس ٿي ويو آهي: اُن جي لاءِ واويلا مچايو؛ اُن جي سور لاءِ ملم کڻي وڃو تہ من هو ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي.


جلعاد ۾ مرحم ڪونهي ڇا؟ اُتي ڪو طبيب ناهي ڇا؟ تڏهن ڇو منهنجي قوم جي ڌيءَ چڱي ڀلي نٿي ٿئي.


يهوداہ ۽ اسرائيل جا رهاڪو تنهنجا واپاري هئا، هو تنهنجي سوداگري مال وٺڻ جي لاءِ منت ۽ پتنگ جي ڪڻڪ، ۽ ماکي، ۽ تيل ۽ بلسان ڏيندا هئا.


ڇالاءِ جو هن جا ڦٽ ڇُٽڻ جا ناهن: ۽ اُهو يهوداہ تائين، بلڪ منهنجي قوم جي دروازي تائين، يعني يروشلم تائين، اچي پهتو آهي.


ڪوبہ تنهنجي دل کي تسلي ڏيڻ وارو ڪونهي؛ تنهنجو زخم سخت آهي: جيڪي تنهنجي شڪست جو ٿا ٻڌن، سي تو تي تاڙيون ٿا وڄائين؛ ڇالاءِ جو اُهو ڪير آهي، جنهن تي سدائين تنهنجي شرارت جو بار نہ هو؟


آئون توکي سچ ٿو چوان تہ جيسين تون پائي پائيءَ تي چاڙهي نہ ڏيندين، تيسين ڪنهن بہ پر اُتان نڪرندين ئي ڪين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ