Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 46:10 - Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو اهو ڏينهن، يعني خداوند لشڪرن جي خدا جو ڏينهن، وير وٺڻ جو ڏينهن آهي، انهي لاءِ تہ هو پنهنجي دشمنن کان وير وٺي: ۽ ترار کائي ويندي ۽ ڍءُ ڪندي، ۽ هنن جي رت مان پنهنجو پيٽ ڀريندي: ڇالاءِ جو خداوند، لشڪرن جي خداوند لاءِ اُتر واري ملڪ ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هڪڙي قرباني ٿيڻي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اهو ڏينهن خداوند قادرِمطلق خدا جو ڏينهن آهي، اهو بدلو وٺڻ جو ڏينهن آهي. انهي ڏينهن هو پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيندو. سندس تلوار دشمنن کي ڳڙڪائي ڍءُ ڪندي، ايستائين جو اها هنن جو رت پيئندي پيئندي مست ٿي پوندي. انهيءَ سبب جو خداوند، قادرِمطلق خدا اتر واري ملڪ بابل ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هڪڙي قرباني پيش ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 46:10
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مصر جو بادشاهہ وري پنهنجي ملڪ کان ٻاهر نہ نڪتو: ڇالاءِ جو بابل جي بادشاهہ مصر جي نهر کان وٺي فرات نديءَ تائين مصر جي بادشاهہ جو جيڪو ملڪ هو، سو سڀ هٿ ڪيو هو.


ڇالاءِ قادر مطلق زمانن کي لڪائي رکي نہ ڇڏيو، ۽ ڇالاءِ جيڪي هن کي ڄاڻن ٿا سي هن جا ڏينهن نہ ٿا ڏسن؟


اوهين ووءِ ووءِ ڪريو؛ ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن نزديڪ آهي؛ اهو قادر مطلق وٽان موت وانگي ايندو.


ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو هڪڙو ڏينهن ايندو، ۽ جيڪو بہ مغرور ۽ وڏائيءَ وارو آهي، ۽ جيڪي بہ مٿي کنيل آهي اُهو هيٺ ڪيو ويندو:


تڏهن اسوري انهيءَ ترار سان ڪِرندا جا انسان جي نہ آهي؛ ۽ اُها ترار جا انسان جي نہ آهي سا هن کي کائي ويندي؛ هو ترار کان ڀڄندو، ۽ هن جا ماڻهو ڍل ڀرو ٿيندا.


۽ خداوند جي مقبول سال، ۽ خدا جي بدلي وٺڻ جي ڏينهن جي پڌرائي ڪريان؛ ۽ جيڪي ماتم ٿا ڪن، تن سڀني کي دلاسو ڏيان.


ڇالاءِ جو انتقام جو ڏينهن منهنجيءَ دل ۾ هو، ۽ منهنجن ڇڏايلن جو سال اچي پهتو آهي.


بيابان ۾ سڀني اُگهاڙين ٽڪرين تي ڦرلٽ ڪرڻ وارا اچي نڪتا آهن: ڇالاءِ جو خداوند جي ترار هڪڙي ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ملڪ کي ڳڙڪائي ڇڏي ٿي: ڪنهن بہ ماڻهوءَ لاءِ سلامتي ڪانهي.


اوهين مصر ۾ ظاهر ڪريو، ۽ مجدال ۾ پڌرائي ڪريو، ۽ نوف ۽ تحفنحيس ۾ اشتهار ڪريو: اوهين چئو تہ نڪري اچ ۽ پاڻ کي تيار رک؛ ڇالاءِ جو ترار تنهنجي آس پاس کائي ويئي آهي.


مصر بابت: فرعون نڪوہ، مصر جي بادشاهہ جي لشڪر جي نسبت ۾، جو ڪرڪميس ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هو، جنهن کي يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي چوٿين ورهيہ ۾ بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر شڪست ڏني.


جو تکو آهي سو ڀڄي نہ وڃي، ۽ جو زور وارو آهي سو نڪري نہ وڃي؛ اُتر ۾ فرات نديءَ جي ڪنڌن تي هو آٿڙجي ڪِريا آهن.


انهي جي چوڌاري مٿس هڪلون ڪريو؛ هوءَ اچي پيش پئي آهي؛ انهي جا ڪوٽ ڪنگرا ڪري پيا آهن، انهي جون ڀتيون ڊاٺيون ويون آهن: ڇالاءِ جو خداوند انهي کان وير ورتو آهي؛ اوهين بہ انهي کان وير وٺو؛ جيئن هن پاڻ ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ساڻس ڪريو.


تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ سندس ملڪ کي سزا ڏيندس، جيئن ڪہ مون اسور جي بادشاهہ کي سزا ڏني آهي.


بابل منجهان ڀڄي وڃو، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي جان بچائي؛ اُن جي ڏوهہ ۾ وڍجي نہ وڃو: ڇالاءِ جو اهو خداوند جي وير وٺڻ جو وقت آهي؛ هو انهي کي بدلو ڏيندو.


۽ تون اي آدمزاد، نبوت ڪر، تہ خداوند خدا بني عمون جي نسبت ۽ سندن خواريءَ جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي؛ ۽ تون چئُہ تہ هڪڙي ترار ڪڍي ويئي آهي، ڪوس لاءِ چمڪائي ويئي آهي، تہ اُها وڄ وانگر ناس ڪري:


ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن ويجهو آهي، ۽ اُهو ائين ايندو جيئن خرابيءَ جو ڏينهن قادر مطلق کان اچي، انهي ڏينهن جي لاءِ افسوس آهي!


اوهين صيون ۾ قرناءِ وڄايو، ۽ منهنجي پاڪ جبل تي خوف جي خبر ڏيو؛ ڀلي تہ ملڪ جا سڀ رهاڪو ڏڪي وڃن: ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن اچي ٿو، اهو تمام ويجهو آهي؛


جنهن گاڏيءَ ۾ مشڪي گهوڙا آهن، اُهي اُتر واري ملڪ ڏانهن وڃن ٿا؛ ۽ سفيد گهوڙا انهيءَ جي پٺيان ويا؛ ۽ چٽڪمرا گهوڙا ڏکڻ جي ملڪ ڏانهن ويا؛


ڇالاءِ جو اُهي بدلي وٺڻ جا ڏينهن ٿيندا، تہ جيڪي ڳالهيون لکيل آهن سي سڀيئي پوريون ٿين.


آءٌ پنهنجن تيرن کي رت پياريندس، ۽ منهنجي ترار ماس کائيندي؛ اهو رت قيدين ۽ قتل ٿيلن دشمن جي سردارن جو هوندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ