۽ هو ايندو ۽ مصر جي زمين کي ماريندو؛ جيڪي موت جي لاءِ آهن سي قتل ڪيا ويندا، ۽ جيڪي قيد جي لاءِ آهن سي قيد ڪيا ويندا، ۽ جيڪي ترار جي لاءِ آهن، سي ترار جي حوالي ڪيا ويندا،
ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جلال جي لاءِ هن مون کي انهن قومن ۾ موڪليو، جن اوهان کي ڦُريو لُٽيو آهي: ڇالاءِ جو جيڪو اوهان کي ڇُهي ٿو، سو هن جي اک جي ماڻڪيءَ کي ٿو ڇُهي.
ڇالاءِ جو جبلن جي چوٽيءَ تان آءٌ هن کي ڏسان ٿو، ۽ ٽڪرين تان منهنجي هن تي نظر ٿي پوي: ڏس، هيءَ اُها اُمت آهي جا اڪيلي ٿي رهي، ۽ ٻين قومن ۾ شمار نہ ڪئي ويندي.