Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 44:30 - Sindhi Bible

30 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ مصر جي بادشاهہ فرعون حفرع کي سندس دشمنن جي هٿ ۾ ڏيندس، ۽ انهن جي هٿ ۾ جي سندس ساهہ جا طالبو آهن؛ جيئن ڪ مون يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي سندس دشمنن ۽ سندس ساهہ جي طالب، بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جي هٿ ۾ ڏنو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 ڏسو، اها نشاني هيءَ آهي جو آءٌ مصر جي حفرع نالي فرعون کي سندس مخالفن ۽ جاني دشمنن جي حوالي ڪرڻ وارو آهيان، جهڙيءَ طرح مون يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي حوالي ڪيو هو، جيڪو صدقياہ جو مخالف ۽ جاني دشمن هو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 44:30
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سڀ قومون هن جي، ۽ سندس پٽ جي، ۽ سندس پوٽي جي خدمت ڪنديون، جيسين ڪ خود سندس ملڪ جو وقت اچي: پوءِ گهڻيون قومون ۽ وڏا بادشاهہ پنهنجي لاءِ هن کان خدمت چاڪري وٺندا.


۽ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ، ۽ سندس اميرن کي آءٌ سندن دشمنن جي، ۽ سندن جان جي ڳوليندڙن ۽ بابل جي بادشاهہ جي لشڪر، جو اوهان وٽان هليو ويو آهي، تنهن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس.


۽ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان جي لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي، تہ آءٌ اوهان کي هن ئي هنڌ سزا ڏيندس، تہ اوهين ڄاڻو تہ منهنجون ڳالهيون اوهان کي خرابي پهچائڻ لاءِ ضرور قائم رهنديون:


اي آدمزاد، مون مصر جي بادشاهہ فرعون جي ٻانهن ڀڃي ڇڏي آهي؛ ۽ ڏس، تہ نہ اُنهي تي شفا لاءِ دوائون ۽ نہ پٽيون ويڙهي ٻڌيون ويون آهن، تہ اُها ترار جهلڻ جهڙي طاقت وٺي.


عدن جي وڻن مان شان ۽ شوڪت ۾ تون ڪنهن جهڙو آهين؟ اڃا بہ تون عدن جي وڻن سان گڏ زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾ لاٿو ويندين: تون اڻ طهريلن جي وچ ۾، جي ترار سان ماريا ويا هوندا، تن سان گڏ پيو رهندين. خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اهو آهي فرعون، ۽ اها سندس سڄي جماعت.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ