Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 44:28 - Sindhi Bible

28 ۽ جيڪي ترار کان بچندا، سي ٿورا ٿي مصر جي ملڪ مان نڪري يهوداہ جي ملڪ ۾ موٽي ايندا؛ ۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو جي مصر ۾ رهڻ جي لاءِ اوڏي ويا آهن، سي پاڻهين ڄاڻندا تہ ڪنهن جي ڳالهہ ٿي بيهي، منهنجي يا هنن جي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 البت اوهان مان ڪي ٿورا ماڻهو جنگ کان بچي مصر ملڪ مان نڪري يهوداہ جي ملڪ ۾ موٽي ايندا. پوءِ اوهان جيڪي مصر ۾ رهڻ لاءِ آيا هئا، تن مان انهن باقي بچيل يهوداہ وارن کي ئي خبر پوندي تہ ڪنهن جي ڳالهہ پوري بيٺي، منهنجي يا اوهان جي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 44:28
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جي صلاح هميشہ تائين قائم رهندي، ۽ سندس دل جا خيال پيڙهين تائين.


۽ ان جي ٻيلي جا باقي ٻيا وڻ ايترا ٿورا ٿيندا جو ڪو ٻار بہ اهي ڳڻي سگهي.


ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تنهنجي قوم اسرائيل سمنڊ جي واريءَ جيتري هوندي تہ بہ انهن مان ڪي ٿورا موٽندا: پوريءَ سچائي سان بربادي ٺهرائي ويئي آهي.


اهڙو ساڳيو حال انهن سڀني ماڻهن جو ٿيندو جي مصر ۾ وڃي رهڻ جي لاءِ خواهان آهن؛ اُهي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندا؛ ۽ جيڪا خرابي آءٌ هنن جي مٿان آڻيندس تنهن کان ڪوبہ ڪونہ رهندو يا بچندو.


ڇالاءِ جو جيڪي مصر جي زمين ۾ رهن ٿا تن کي آءٌ سزا ڏيندس، جيئن مون يروشلم کي ترار سان ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان سزا ڏني آهي:


جنهن ڪري يهوداہ جا باقي رهيل ماڻهو جي مصر جي ملڪ ۾ رهڻ لاءِ اوڏي ويا آهن، تن مان ڪوبہ ڪونہ بچندو يا رهندو، جو يهوداہ جي زمين ۾ موٽي اچي، جتي موٽي اچي رهڻ جي لاءِ هو خواهشمند آهن: ڇالاءِ جو ڀڄي نڪرڻ وارن کانسواءِ ڪوبہ ڪونہ موٽندو.


۽ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان جي لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي، تہ آءٌ اوهان کي هن ئي هنڌ سزا ڏيندس، تہ اوهين ڄاڻو تہ منهنجون ڳالهيون اوهان کي خرابي پهچائڻ لاءِ ضرور قائم رهنديون:


اوهين جي ترار کان بچي نڪتا آهيو سي هليا وڃو، ماٺ ڪري نہ بيهو؛ پري کان ئي خداوند کي ياد ڪريو، ۽ يروشلم کي دل تي آڻيو.


تنهن هوندي بہ آءٌ ڪجهہ باقي ڇڏيندس، جي اوهان مان ترار کان بچي نڪري قومن ۾ ويندا؛ ۽ انهي وقت اوهين ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويندا.


پر منهنجا حڪم ۽ منهنجا قاعدا، جي مون پنهنجن ٻانهن کي فرمايا، اُهي اوهانجن ابن ڏاڏن کي نہ پهتا ڇا؟ ۽ هنن ڦري چيو، تہ جيئن لشڪرن جي خداوند کي وڻيو، تيئن هن اوهان سان ڪيو، يعني اسان کي اسانجين راهن ۽ ڪمن جو بدلو ڏنو اٿس.


تڏهن موسيٰ چيو تہ اوهين خداوند جي حڪم عدولي ڇو ٿا ڪريو، جيتوڻيڪ ڏسو ٿا تہ انهي مان ڪو فائدو نہ ٿيندو؟


آسمان ۽ زمين ٽري ويندا، پر منهنجو ڪلام ڪڏهن ڪين ٽرندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ