Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 44:27 - Sindhi Bible

27 ڏس، آءٌ انهن تي نظرداري ڪريان ٿو، نہ چڱائيءَ لاءِ پر بڇڙائيءَ لاءِ: ۽ يهوداہ جا سڀ ماڻهو جي مصر جي زمين ۾ آهن، سي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ناس ڪيا ويندا، جيسين ڪ سندن پڄاڻي ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 انهيءَ سبب جو منهنجي اوهان تي چوڪسيءَ واري نظر آهي چڱائيءَ لاءِ نہ، پر مندائيءَ لاءِ. هائو، مصر ملڪ ۾ اوهين سڀ يهوداہ وارا جنگ ۽ ڏڪار جو منهن ڏسندا، ايستائين جو اوهين بلڪل ناس ٿي وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 44:27
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ پنهنجي ميراث جو باقي بچيل حصو اُڇلائي ڇڏيندس ۽ هنن کي سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس؛ ۽ اُهي پنهنجن دشمنن جو شڪار ۽ لٽ جو مال ٿيندا؛


ڏس، اڄوڪي ڏينهن مون توکي قومن تي ۽ حڪومتن تي مقرر ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ تون پٽين ۽ ڀڃي ڊاهي وجهين، ۽ ناس ڪرين، ۽ اونڌو ڪري ڪيرائين؛ اڏائين ۽ پوکين.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجو منهن هن شهر ڏي انهي لاءِ ڪيو آهي تہ اُن سان برائي ڪريان نہ ڀلائي؛ اهو بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏنو ويندو ۽ هو ان کي باهہ ڏئي ساڙي ڇڏيندو.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيئن مون هنن تي نگهباني ڪري هنن کي پٽي ڪڍيو ۽ ڀڃي ڇڏيو، ۽ اونڌو ڪري ناس ڪيو ۽ ڏکويو؛ تيئن آءٌ هنن تي نگهباني ڪري هنن کي اڏيندس ۽ پوکيندس؛ خداوند ائين ٿو فرمائي.


وڃي عبد ملڪ ڪوشيءَ کي چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ پنهنجون ڳالهيون هن شهر تي خرابيءَ جي لاءِ آڻيندس، نہ چڱائي جي لاءِ؛ ۽ اُهي انهي ڏينهن تنهنجي اڳيان پوريون ٿينديون.


تہ تڏهن هيئن ٿيندو تہ ترار، جنهن کان اوهين ڊڄو ٿا سا مصر جي ملڪ ۾ اوهان کي اچي پهچندي، ۽ ڏڪار جنهن کان اوهين ڊڄو ٿا، سو اُتي مصر ۾ اوهان جي بنهہ پٺيان لڳندو؛ ۽ اُتي اوهين مرندا.


۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو جي مصر جي زمين ۾ رهڻ لاءِ اوڏي وڃڻ واسطي تيار ٿيا آهن، تن کي آءٌ پڪڙيندس ۽ اُهي سڀ ناس ڪيا ويندا؛ مصر جي ئي ملڪ ۾ اُهي ڪرندا؛ اُهي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ناس ڪيا ويندا؛ تمام ننڍي کان وٺي تمام وڏي تائين، هو ترار سان، ۽ ڏڪار سان مرندا: ۽ اُهي نفرت، ۽ حيرت، ۽ لعنت، ۽ ملامت جو سبب ٿيندا.


ڇالاءِ جو جيڪي مصر جي زمين ۾ رهن ٿا تن کي آءٌ سزا ڏيندس، جيئن مون يروشلم کي ترار سان ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان سزا ڏني آهي:


جنهن ڪري يهوداہ جا باقي رهيل ماڻهو جي مصر جي ملڪ ۾ رهڻ لاءِ اوڏي ويا آهن، تن مان ڪوبہ ڪونہ بچندو يا رهندو، جو يهوداہ جي زمين ۾ موٽي اچي، جتي موٽي اچي رهڻ جي لاءِ هو خواهشمند آهن: ڇالاءِ جو ڀڄي نڪرڻ وارن کانسواءِ ڪوبہ ڪونہ موٽندو.


پر جڏهن کان اسان آسمان جي راڻيءَ جي لاءِ لوبان ساڙڻ ۽ ان جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هارڻ ڇڏي ڏنو آهي، تڏهن کان وٺي اسين سڀني شين جا محتاج ٿيا آهيون.


تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس آءٌ هنن کي، يعني انهي قوم کي ناگدونا کارائيندس، ۽ پت جو پاڻي پياريندس.


آءٌ انهن کي اهڙين قومن ۾ پکيڙيندس جن کي نہ هنن پاڻ، ۽ نہ سندن ابن ڏاڏن ٿي سڃاتو: ۽ آءٌ هنن جي پٺيان ترار موڪليندس، جيسين ڪہ هنن کي کپائي ڇڏين.


تنهنجو ٽيون حصو مريءَ سان مرندو ۽ اُهي تنهنجي وچ ۾ ڏڪار ڪري مري چٽ ٿي ويندا؛ ۽ ٽيون حصو تنهنجي چوڌاري ترار سان مارجي ويندو؛ ۽ ٽيون حصو آءٌ سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس ۽ انهي جي پٺيان ترار ڪڍندس.


پڇاڙي اچي پهتي آهي، اها پڇاڙي اچي پهتي آهي، بلڪ توتي چڙهي آئي آهي؛ ڏس، اُها اچي ٿي.


تنهنڪري خداوند ڄاڻي ٻجهي اها خرابي اسان تي آندي آهي: ڇالاءِ جو خداوند اسان جو خدا جيڪي ڪم ڪري ٿو، تن سڀني ۾ هو سچو آهي؛ ۽ اسان هن جو حڪم نہ مڃيو آهي.


ڏسو، خداوند جون اکيون انهيءَ گنهگار بادشاهت تي آهن، ۽ آءٌ انهي کي زمين جي سطح تان ناس ڪري ڇڏيندس: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ يعقوب جي گهراڻي کي اصل نابود ڪري نہ ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ