Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 44:25 - Sindhi Bible

25 لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان ۽ اوهان جن زالن پنهنجن واتن سان ڳالهايو آهي، ۽ پنهنجن هٿن سان اُهو پورو ڪيو اٿوَ، ۽ چيو اٿوَ تہ آسمان جي راڻيءَ لاءِ لوبان ساڙڻ ۽ اُن جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هارڻ واسطي جيڪي اسان مڃتائون مڃيون آهن، سي ضرور پوريون ڪنداسين: تڏهن اوهين پنهنجون مڃتائون قائم ڪريو ۽ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’اوهان ۽ اوهان جي زالن جيڪي چيو هو سو ئي ڪري ڏيکاريو آهي تہ اوهين پنهنجيون باسيل باسون پوريون ڪندا، آسمان جي راڻيءَ لاءِ قربانيون پيش ڪندا ۽ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيندا. سو ڀلي وڃي پنهنجي مرضيءَ موجب پنهنجا قول پورا ڪريو ۽ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 44:25
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙي ڪابہ اونداهي يا اهڙو ڪوبہ موت جو پاڇو ڪونهي، جتي بدڪاري ڪرڻ وارا پاڻ کي لڪائي سگهن.


ڇالاءِ جو اوهان چيو آهي تہ اسان موت سان عهد اقرار ڪيو آهي، ۽ دوزخ سان اسان جو انجام آهي؛ جڏهن سزا جي اُٿل ٿيندي، تڏهن اها اسان ڏانهن نہ ايندي؛ ڇالاءِ جو اسان ڪوڙ کي پنهنجي پناهہ ڪيو آهي، ۽ دغا هيٺ اسان پاڻ کي لڪايو آهي:


۽ جيڪي ڪسدي هن شهر سان وڙهن ٿا سي اچي هن شهر کي باهہ ڏيئي ساڙيندا، ۽ اُهي گهر بہ جن جي ڇتين تي هن بعل جي لاءِ لوبان پئي ساڙيو آهي ۽ ٻين معبودن جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون پئي هاريون آهن، جنهن ڪري مون کي ڪاوڙ ڏياري اٿن.


باقي اوهين، سو اي اسرائيل جا گهراڻا، خداوند خدا اوهان جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي، تہ هن کانپوءِ جي اوهين منهنجي ٻڌڻ نہ گهرندا، تہ اوهان مان هرڪو وڃي پنهنجن بُتن جي عبادت ڪري: پر پنهنجن نذرانن سان ۽ پنهنجن بُتن سان اوهين منهنجي نالي جي بي ادبي نہ ڪندا.


تنهن تي بادشاهہ کي ڏک ٿيو، پر پنهنجن قسمن جي ڪري ۽ مهمانن جي سانگي، حڪم ڪيائين تہ اُها آڻي ڏيوس؛


سمنڊ جون شوخ لهرون آهن، جي پنهنجي بي شرميءَ جي گجي ٿيون اُڇلائين. گهُمندڙ تارا آهن، جن جي لاءِ ڀڀ اوندهہ هميشہ واسطي ٺهرايل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ