يرمياہ 44:22 - Sindhi Bible22 جنهن ڪري اوهان جن ڪمن جي بڇڙائي سبب، ۽ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم اوهان ڪيا آهن تن جي سبب خداوند وڌيڪ صبر ڪري نہ سگهيو؛ تنهن ڪري اوهان جو ملڪ ويران، ۽ حيرت، ۽ لعنت ٿيو آهي، ۽ منجهس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونهي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible22 هرگز نہ، بلڪ جڏهن خداوند اوهان جا بڇڙا عمل ۽ اوهان جا ڪيل ڪراهت جهڙا ڪم وڌيڪ برداشت نہ ڪري سگھيو، تڏهن اوهان جي ملڪ کي ويران ۽ عبرت وَ لعنت جو سبب بڻايائين، ايتري قدر جو منجھس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو جي مصر جي زمين ۾ رهڻ لاءِ اوڏي وڃڻ واسطي تيار ٿيا آهن، تن کي آءٌ پڪڙيندس ۽ اُهي سڀ ناس ڪيا ويندا؛ مصر جي ئي ملڪ ۾ اُهي ڪرندا؛ اُهي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ناس ڪيا ويندا؛ تمام ننڍي کان وٺي تمام وڏي تائين، هو ترار سان، ۽ ڏڪار سان مرندا: ۽ اُهي نفرت، ۽ حيرت، ۽ لعنت، ۽ ملامت جو سبب ٿيندا.