Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 44:19 - Sindhi Bible

19 ۽ جڏهن اسان آسمان جي راڻي لاءِ لوبان ساڙيو ۽ ان جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هاريون تڏهن ڪو اسان پنهنجن مڙسن کان سواءِ اُن جي عبادت ڪرڻ لاءِ، اُن جي واسطي لولا پچايا، ۽ پيئڻ جون قربانيون هاريون ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 انهن ۾ موجود عورتن وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن اسان آسمان جي انهيءَ راڻي ديويءَ لاءِ قربانيون پيش ڪنديون هيونسين ۽ انهيءَ لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽينديون هيونسين، تڏهن اسان جا مرد بہ انهيءَ ۾ راضي هئا تہ اسين ان جي لاءِ سندس شڪل واريون لوليون پچايون ۽ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 44:19
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن زال ڏٺو تہ هن وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ چڱو، ڏسڻ ۾ سهڻو، ۽ سمجهہ ڏيڻ لاءِ سٺو آهي، تڏهن اهو ميوو ڇني پاڻ بہ کاڌائين، ۽ پنهنجي مڙس کي بہ ڏنائين، ۽ هن بہ کاڌو.


(پر اخي آب جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونہ هو جنهن پاڻ کي انهيءَ لاءِ وڪيو تہ جيڪي خداوند جي نظر ۾ خراب آهي سو ڪري، ۽ جنهن کي سندس زال ڀڙڪايو هو.


۽ هو اسرائيل جي بادشاهہ جي رستي تي هليو، جيئن ڪ اخي اب جي گهراڻي ڪيو: ڇالاءِ جو اخي اب جي ڌيءَ سندس زال هئي: ۽ هن جيڪي ڪم ڪيا سي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.


جيتوڻيڪ هٿ هٿ سان گڏبو تہ بہ خراب ماڻهو بي سزا رهجي نہ ويندو: پر سچي جو اولاد بچايو ويندو.


تڏهن جن ماڻهن کي خبر هئي تہ سندن زالون ٻين معبودن جي لاءِ لوبان ساڙينديون آهن تن، ۽ اُهي سڀ زالون جي سندس پاسي ۾ بيٺيون هيون، تن سڀني هڪڙي وڏي جماعت ڪري، يعني سڀيئي ماڻهو جي مصر جي زمين ۾، فتروس منجهہ رهندا هئا، تن يرمياہ کي ورندي ڏئي چيو، تہ


تڏهن يرمياہ سڄي قوم کي چيو، يعني انهن مردن ۽ زالن کي، بلڪ انهن سڀني ماڻهن کي جن کيس اها ورندي ڏني، تہ


ٻار ڪاٺيون گڏ ڪن ٿا، ۽ پيءُ باهہ ٻاري ٿو، ۽ زالون اٽو ڳوهين ٿيون، تہ آسمان جي راڻي لاءِ لوليون پچائين؛ ۽ ٻين معبودن لاءِ پيئڻ وارا نذرانا اوتين، انهي لاءِ تہ مون کي ڪاوڙ ڏيارين.


پر جيڪڏهن سندس مڙس جنهن ڏينهن اهو ٻڌي انهي ڏينهن اهي رد باطل ڪري ڇڏي؛ تہ پوءِ هن جي مڃتائن يا خاص فرض بابت جيڪي سندس واتان نڪتو هوندو، سو قائم نہ رهندو: ڇو تہ سندس مڙس اهي رد ڪري ڇڏيا آهن؛ ۽ خداوند هن کي معافي ڏيندو.


پر جيڪڏهن سندس مڙس جنهن ڏينهن اهو ٻڌي، انهي ڏينهن کيس منع ڪري؛ تہ هن ڄڻ تہ پنهنجيءَ زال جون مڃتائون ۽ خاص فرض، جن لاءِ هن تڪڙ ڪري پاڻ کي ٻڌل رکيو هو، سي رد ڪري ڇڏيا: ۽ خداوند هن کي معافي ڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ