يرمياہ 44:17 - Sindhi Bible17 پر جيڪو بہ لفظ اسان جي واتان نڪتو آهي سو ضرور اسين پورو ڪنداسين، يعني آسمان جي راڻي لاءِ لوبان ساڙينداسين ۽ انهي جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هارينداسين، جيئن اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جن بادشاهن ۽ اسان جن اميرن يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ پي ڪيو آهي: ڇالاءِ جو انهي وقت اسان وٽ گهڻو کاڌو موجود هو، ۽ چڱي حال ۾ هئاسين، ۽ ڪابہ خرابي ڪانہ ڏٺيسين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible17 بلڪ اسان جيڪي چيو آهي تنهن تي ضرور عمل ڪنداسين، يعني اسين انهيءَ ديويءَ، جيڪا آسمان جي راڻيءَ آهي تنهن لاءِ قربانيون پيش ڪنداسين ۽ ان لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽينداسين. جيئن اسان، اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جي بادشاهن، اسان جي عملدارن کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾ پئي ڪيو آهي. تنهن وقت اسان وٽ گھڻو کاڌو خوراڪ موجود هو ۽ اسين خوشحال هئاسين ۽ ڪوبہ نقصان برداشت نہ ڪيو هوسين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان ۽ اوهان جن زالن پنهنجن واتن سان ڳالهايو آهي، ۽ پنهنجن هٿن سان اُهو پورو ڪيو اٿوَ، ۽ چيو اٿوَ تہ آسمان جي راڻيءَ لاءِ لوبان ساڙڻ ۽ اُن جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هارڻ واسطي جيڪي اسان مڃتائون مڃيون آهن، سي ضرور پوريون ڪنداسين: تڏهن اوهين پنهنجون مڃتائون قائم ڪريو ۽ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪريو.