يرمياہ 44:16 - Sindhi Bible16 جيڪو ڪلام تو اسان کي خداوند جي نالي سان ٻڌايو آهي، سو تنهنجي واتان نہ ٻڌنداسين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible16 ”جيڪي ڳالهيون تو اسان کي خداوند جي نالي سان ٻڌايون آهن، سي اسين هرگز نہ مڃينداسين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان ۽ اوهان جن زالن پنهنجن واتن سان ڳالهايو آهي، ۽ پنهنجن هٿن سان اُهو پورو ڪيو اٿوَ، ۽ چيو اٿوَ تہ آسمان جي راڻيءَ لاءِ لوبان ساڙڻ ۽ اُن جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هارڻ واسطي جيڪي اسان مڃتائون مڃيون آهن، سي ضرور پوريون ڪنداسين: تڏهن اوهين پنهنجون مڃتائون قائم ڪريو ۽ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪريو.
هاڻي جي اوهين تيار آهيو تہ جنهن وقت اوهين شرنائي، توتاري، بربط، رباب، سنطور ۽ سارنگي ۽ ٻين سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌو، تنهن وقت هيٺ جهڪي، جيڪا مورت مون بيهاري آهي تنهن کي سجدو ڪريو تہ واهہ: پر جي اوهين سجدو نہ ڪندا، تہ انهي گهڙيءَ باهہ جي ٻرندڙ کوري جي وچ ۾ اُڇلايا ويندا؛ ۽ اُهو ڪهڙو خدا آهي جو اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائيندو؟