Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 44:15 - Sindhi Bible

15 تڏهن جن ماڻهن کي خبر هئي تہ سندن زالون ٻين معبودن جي لاءِ لوبان ساڙينديون آهن تن، ۽ اُهي سڀ زالون جي سندس پاسي ۾ بيٺيون هيون، تن سڀني هڪڙي وڏي جماعت ڪري، يعني سڀيئي ماڻهو جي مصر جي زمين ۾، فتروس منجهہ رهندا هئا، تن يرمياہ کي ورندي ڏئي چيو، تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 تڏهن اهي سڀ مرد جن کي خبر هئي تہ سندن زالون غير معبودن لاءِ قربانيون پيش ڪنديون آهن ۽ اهي سڀ عورتون جيڪي وڏي انبوہ جي صورت ۾ اتي موجود هيون ۽ ساڻن گڏ اهي سڀ موجود ماڻهو پڻ جيڪي ڏکڻ توڙي اتر مصر ۾ رهندا هئا، تن مون يرمياہ کي چيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 44:15
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر سمهڻ کان اڳي، سدوم شهر جي سڀني پاڙن جا ماڻهو، جوان توڙي ٻڍا، انهيءَ گهر کي چوڌاري وڪوڙي ويا؛


اسرائيل جي بادشاهہ سليمان انهن ڳالهين جي ڪري گناهہ نہ ڪيو هو ڇا؟ جيتوڻيڪ هن جهڙو بادشاهہ گهڻين قومن ۾ ڪونہ هو، ۽ هو پنهنجي خدا جو پيارو هو، ۽ خدا هن کي سڄي اسرائيل جو بادشاهہ ڪيو: انهيءَ هوندي بہ هن کان ڌارين زالن گناهہ ڪرائي وڌو.


جيتوڻيڪ هٿ هٿ سان گڏبو تہ بہ خراب ماڻهو بي سزا رهجي نہ ويندو: پر سچي جو اولاد بچايو ويندو.


ڇالاءِ اڃا بہ اوهين مار کائيندا، جو وڃو وڌيڪ فساد ڪندا؟ سارو مٿو بيمار آهي ۽ سڄي دل ماندي آهي.


تنهن ڪري مون قديم وقت کان توکي اهو ٻڌايو آهي؛ انهي جي پوري ٿيڻ کان مون توکي اڳي ڏيکاريو آهي: تہ متان تون چوين تہ منهنجي معبود اُهي ڪم ڪيا آهن، ۽ منهنجي اُڪريل مورت ۽ منهنجي پلٽيل مورت جي حڪم سان اهي ڪم ٿيا آهن.


اهو ڪلام جو مصر جي ملڪ ۾ رهندڙن، ۽ مجدال ۾، ۽ تحفنحيس ۾، ۽ نوف ۾، ۽ فتروس جي ملڪ ۾ رهندڙن يهودين جي نسبت ۾، يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ


۽ جڏهن اسان آسمان جي راڻي لاءِ لوبان ساڙيو ۽ ان جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هاريون تڏهن ڪو اسان پنهنجن مڙسن کان سواءِ اُن جي عبادت ڪرڻ لاءِ، اُن جي واسطي لولا پچايا، ۽ پيئڻ جون قربانيون هاريون ڇا؟


هيترو بہ وڌيڪ يرمياہ انهن سڀني ماڻهن کي ۽ سڀني زالن کي چيو، تہ اي يهوداہ جي سڄي قوم اوهين جي مصر جي زمين ۾ آهيو، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو:


۽ آءٌ مصر جا قيدي موٽائي آڻيندس ۽ هنن کي فتروس جي زمين ۾، يعني سندن وطني زمين ۾ موٽائيندس؛ هو اُتي هڪڙي خسيس بادشاهت ٿيندا.


۽ آءٌ فتروس کي ويران ڪندس، ۽ ضعن ۾ باهہ ٻاريندس، ۽ نوءِ ۾ عدالتون ڪندس.


اوهين سوڙهي در کان اندر گهڙو: ڇالاءِ جو اُهو در ويڪرو آهي، ۽ اُهو رستو ڪشادو آهي، جو برباديءَ ڏانهن ٿو وڃي، ۽ جيڪي انهيءَ منجهان اندر ٿا وڃن سي گهڻا آهن.


يعني انهن ماڻهن جا معبود، جي تنهنجي آس پاس، ويجها توڙي پري، بلڪ زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين رهندا هجن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ