Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 44:13 - Sindhi Bible

13 ڇالاءِ جو جيڪي مصر جي زمين ۾ رهن ٿا تن کي آءٌ سزا ڏيندس، جيئن مون يروشلم کي ترار سان ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان سزا ڏني آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 هائو، جيئن مون يروشلم وارن کي سزا ڏني هئي، تيئن آءٌ اوهان کي مصر ۾ جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان سزا ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 44:13
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هنن کي سزا ڏيندس: جوان ماڻهو ترار سان مرندا: هنن جا پٽ ۽ هنن جون ڌيئرون ڏڪار سان مرنديون؛


جيڪو هن شهر ۾ رهندو سو ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندو: پر جيڪو نڪري ويندو، ۽ جيڪي ڪسدي اوهان کي گهيرو ڪري ويٺا آهن، تن ۾ ڀڄي وڃي پوندو، سو جيئرو رهندو، ۽ انهي جي حياتي سندس لاءِ غنيمت ٿيندي.


۽ آءٌ انهن ۾ ترار، ۽ ڏڪار، ۽ مرض موڪليندس، جيسين ڪہ جيڪا زمين مون هنن کي ۽ هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏني، تنهن مان هو کپي چٽ ٿي وڃن.


آءٌ انهن کي اهڙو ڇڏي ڏيندس جو هو زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ مصيبت منجهہ دربدر ٿي ويندا؛ ۽ جن جن جاين تي آءٌ انهن کي هڪالي موڪليندس اُتي هو ملامت، ۽ پهاڪو، ۽ طعنو، ۽ لعنت ٿيندا.


تہ تڏهن هاڻي، اي يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو: لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن اوهين سچ پچ مصر ۾ وڃي اُتي رهي پوڻ لاءِ خواهان ٿيندا:


تہ تڏهن هيئن ٿيندو تہ ترار، جنهن کان اوهين ڊڄو ٿا سا مصر جي ملڪ ۾ اوهان کي اچي پهچندي، ۽ ڏڪار جنهن کان اوهين ڊڄو ٿا، سو اُتي مصر ۾ اوهان جي بنهہ پٺيان لڳندو؛ ۽ اُتي اوهين مرندا.


اهڙو ساڳيو حال انهن سڀني ماڻهن جو ٿيندو جي مصر ۾ وڃي رهڻ جي لاءِ خواهان آهن؛ اُهي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندا؛ ۽ جيڪا خرابي آءٌ هنن جي مٿان آڻيندس تنهن کان ڪوبہ ڪونہ رهندو يا بچندو.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا فرمائي، ٿو تہ جيئن منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجو غضب يروشلم جي رهاڪن تي اوتيو ويو آهي، تيئن منهنجو غضب اوهان تي بہ اوتيو ويندو، جڏهن اوهين مصر ۾ گهڙندا: ۽ اوهين نفرت، ۽ حيرت، ۽ لعنت، ۽ ملامت جو سبب ٿيندا؛ ۽ اوهين هي هنڌ وري ڪڏهن بہ نہ ڏسندا.


۽ هو ايندو ۽ مصر جي زمين کي ماريندو؛ جيڪي موت جي لاءِ آهن سي قتل ڪيا ويندا، ۽ جيڪي قيد جي لاءِ آهن سي قيد ڪيا ويندا، ۽ جيڪي ترار جي لاءِ آهن، سي ترار جي حوالي ڪيا ويندا،


ڇالاءِ جو ڏسو، هو تباهيءَ جي ڊپ کان پري ويا آهن، تڏهن بہ مصر هنن کي گڏ ڪندو، موف هنن کي دفن ڪندو: هنن جي چانديءَ جي مزي جهڙين شين کي ڪانڊيرا وٺي ويندا: هنن جي تنبن ۾ ڪنڊا اُڀرندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ