Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 43:9 - Sindhi Bible

9 تون وڏا وڏا پهڻ پنهنجي هٿ ۾ کڻ ۽ جيڪو سرن جو ايوان تحفنحيس ۾ فرعون جي گهر جي لنگهہ وٽ آهي تنهن ۾ يهوداہ جي ماڻهن جي ڏسندي گچ سان لڳائي ڇڏ؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ”تون وڏا وڏا پٿر کڻي تحفنيس واري فرعون جي محل جي دروازي جي سامهون رستي واري فرش ۾ يهوداہ وارن جي روبرو چوني سان هڻي ڇڏ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 43:9
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ۾ جيڪي ماڻهو هئا تن کي ڪڍي ڪرٽن هيٺ، ۽ لوهہ جي ڏاندارين ۽ ڪهاڙين هيٺ رکيائين، ۽ سرن جي کوري مان لنگهايائين: ۽ هن بني عمون جي سڀني شهرن جو اهو حال ڪيو. پوءِ دائود ۽ سڀ ماڻهو موٽي يروشليم ۾ آيا.


۽ انهن کان گاري ۽ سرن جو ڪم، ۽ سڀ ڪنهن قسم جي پوک جو ڪم، سخت محنت سان ڪرائي، کين سندن حياتيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيائون: جيڪو بہ پورهيو انهن کان ڪرايائون ٿي، سو تمام سختيءَ سان ٿي ڪرايائون.


مصر جي بادشاهہ فرعون، ۽ انهي جي نوڪرن، ۽ انهي جي اميرن، ۽ انهي جي سڄي قوم کي؛


۽ انهن کي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي گهرائي، انهي جو تخت انهن پهڻ تي رکندس، جي مون لڪايا آهن؛ ۽ هو پنهنجو شاهي شاميانو انهن جي مٿان پکيڙيندو.


تڏهن تحفنحيس ۾ خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ مصر جي بادشاهہ فرعون حفرع کي سندس دشمنن جي هٿ ۾ ڏيندس، ۽ انهن جي هٿ ۾ جي سندس ساهہ جا طالبو آهن؛ جيئن ڪ مون يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي سندس دشمنن ۽ سندس ساهہ جي طالب، بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جي هٿ ۾ ڏنو هو.


اي آدمزاد، تون هڪڙي سر کڻ ۽ اُها پنهنجي اڳيان رک، ۽ انهي تي هڪڙي شهر جو نقشو ڪڍ، يعني يروشلم جو:


مون نبين سان بہ ڳالهايو آهي، ۽ رويا بہ وڌايا آهن؛ ۽ نبين جي وسيلي مون تمثيلون ڪم ۾ آنديون آهن.


حملي جي وقت لاءِ پاڻي گڏ ڪر، ۽ پنهنجا قلعا مضبوط ڪر: مٽي لتاڙي گارو ٺاهہ ۽ سرن لاءِ کوُرو مضبوط ڪر.


۽ اسان وٽ اچي، پولس جو ڪمربند کڻي، پنهنجا هٿ پير ٻَڌي چوڻ لڳو، تہ پاڪ روح هيئن ٿو چوي، تہ جنهن شخص جو هي ڪمربند آهي، تنهن کي يهودي يروشلم ۾ هن طرح ٻَڌندا، ۽ غير قومن جي حوالي ڪري ڇڏيندا.


۽ هڪڙي زور واري ملائڪ هڪڙو وڏو جنڊ جي پاٽ جيڏو پهڻ کڻي، سمنڊ ۾ اُڇلائي چيو تہ بابل جو وڏو شهر هن طرح ڏاڍي زور سان ڪيرايو ويندو، ۽ وري سندس پتو ئي ڪونہ پوندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ