Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 43:13 - Sindhi Bible

13 هو بيت شمس جا ٿنڀ بہ ڀڃندو، جو مصر جي ملڪ ۾ آهي، ۽ مصر جي معبودن جا گهر هو باهہ سان ساڙيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 سج ديوتا جو پوڄا گھر، جيڪو مصر ۾ آهي، تنهن جا ٿنڀي جيان کوڙيل مجسما هو ڀڃي ڇڏيندو ۽ مصر جي بتخانن کي باهيون ڏيئي ساڙي ڇڏيندو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 43:13
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ فرعون، يوسف جو نالو صفنات‑فعنيحہ رکيو؛ ۽ اون شهر جي ڪاهن فوطيفرع جي ڌيءَ آسناٿ سان سندس شادي ڪرايائين. پوءِ يوسف مصر جي ملڪ ۾ گشت ڪرڻ لڳو.


مصر بابت ڪلام. ڏسو خداوند هڪڙي تکي بادل تي سوار ٿي مصر ۾ اچي ٿو: ۽ اُن جي حضور ۾ مصر جا بت بيحال ٿي ويندا ۽ مصر جي دل پگهرجي ويندي.


انهيءَ ڏينهن مصر جي زمين ۾ پنج شهر ٿيندا جي ڪنعان جي ٻولي ڳالهائيندا، ۽ لشڪرن جي خداوند جو قسم کڻندا؛ هڪڙي کي برباديءَ جو شهر سڏيندا.


اهي نئڙن ٿا، اهي سڀ گڏ هيٺ جهڪن ٿا؛ اهي بار کان بچائي نہ سگهيا، پر پاڻ قيد ٿي ويا.


اوهين انهن کي هيئن چئو تہ اهڙا معبود جن آسمان ۽ زمين کي پيدا نہ ڪيو آهي سي زمين تان ۽ آسمان جي هيٺان چٽ ٿي ويندا.


مصر جي بادشاهہ فرعون، ۽ انهي جي نوڪرن، ۽ انهي جي اميرن، ۽ انهي جي سڄي قوم کي؛


۽ آءٌ مصر جي معبودن جي گهرن ۾ باهہ ٻاريندس؛ ۽ هو انهن کي ساڙيندو ۽ انهن کي قيد ڪري وٺي ويندو: ۽ هو مصر جو ملڪ چوڌاري ائين ويڙهيندو جيئن ڪو ڌنار پنهنجي چادر ڍڪيندو آهي؛ پوءِ هو اُتان صحيح سلامت هليو ويندو.


اهو ڪلام جو مصر جي ملڪ ۾ رهندڙن، ۽ مجدال ۾، ۽ تحفنحيس ۾، ۽ نوف ۾، ۽ فتروس جي ملڪ ۾ رهندڙن يهودين جي نسبت ۾، يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ نوَ واري امون، ۽ فرعون، ۽ مصر کي سندس معبودن ۽ سندس بادشاهن سان گڏ سزا ڏيندس؛ يعني فرعون کي ۽ انهي کي جي مٿس ڀروسو ٿا رکن.


هو تنهنجون سڀ گهٽيون پنهنجي گهوڙن جي سنبن سان لتاڙيندو: هو ترار سان تنهنجا ماڻهو ماريندو، ۽ تنهنجي زور جا ٿنڀ زمين تي ڪِري پوندا.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ بُت بہ ناس ڪندس، ۽ نوف مان مورتون بہ بند ڪرائي ڇڏيندس؛ ۽ مصر جي ملڪ جو وري اڳتي ڪوبہ بادشاهہ نہ ٿيندو: ۽ آءٌ مصر جي ملڪ ۾ خوف وجهندس.


آون ۽ في بست جا جوان ترار سان ڪِرندا؛ ۽ اهي شهر قيد ٿي ويندا.


۽ هو انهن جي معبودن کي، سندن پلٽيل مورتن، ۽ سندس سهڻن چاندي ۽ سون جي ٿانوَن سميت قيد ڪري مصر ۾ وٺي ويندو، ۽ هو ڪن سالن تائين مصر جي بادشاهہ کان پاسو ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ