Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 43:12 - Sindhi Bible

12 ۽ آءٌ مصر جي معبودن جي گهرن ۾ باهہ ٻاريندس؛ ۽ هو انهن کي ساڙيندو ۽ انهن کي قيد ڪري وٺي ويندو: ۽ هو مصر جو ملڪ چوڌاري ائين ويڙهيندو جيئن ڪو ڌنار پنهنجي چادر ڍڪيندو آهي؛ پوءِ هو اُتان صحيح سلامت هليو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 آءٌ مصر جي بت‌خانن ۾ باهيون ڀڙڪائيندس ۽ بابل جو بادشاهہ انهن کي ساڙي ڇڏيندو ۽ انهن جي بتن کي قبضي ۾ آڻي پاڻ سان کڻي ويندو. جهڙيءَ طرح ڪو ڌنار پنهنجي چادر مان جيت ڪڍي انهيءَ کي بلڪل صاف ٿو ڪري، تهڙيءَ ئي طرح بابل جو بادشاهہ مصر ملڪ مان سڄو مال ملڪيت لٽي ڦري ملڪ کي خالي ڪري ڇڏيندو ۽ پوءِ پنهنجي مرضيءَ سان صحيح سلامت هليو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 43:12
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن پنهنجا بُت اتي ڇڏيا، جي دائود ۽ سندس ماڻهو کڻي ويا.


۽ اُها پوشاڪ ۽ اُهو گهوڙو بادشاهہ جي ڪنهن تمام وڏي امير جي هٿن ۾ ڏجي تہ اُهو اُنهيءَ ماڻهوءَ کي پهرائي، جنهن کي بادشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گهري، ۽ انهيءَ کي گهوڙي تي چاڙهي، شهر جي رستي تان گهمارائي، ۽ سندس اڳيان منادي ڪرائي، تہ جنهن ماڻهوءَ کي بادشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گهري، تنهن سان هيئن ڪرڻ ۾ ايندو.


هاڻي پاڻ کي شان شوڪت سان سينگار؛ ۽ پاڻ کي عزت ۽ جلال سان تيار ڪر.


تون نور کي پوشاڪ وانگر ٿو پهرين: ۽ آسمان کي پردي وانگي ٿو پکيڙين:


آءٌ هن جي ڪاهنن کي نجات جي پوشاڪ ڍڪائيندس: ۽ سندس مقدس خوشيءَ سان پڪاريندا.


آءٌ هن جي دشمنن کي شرم جي پوشاڪ ڍڪائيندس: پر هن تي سندس تاج رونق افروز ٿيندو.


ڇالاءِ جو انهيءَ رات آءٌ مصر جي ملڪ مان لنگهندس، ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ پهريتا هوندا، ماڻهن جا ٻار توڙي جانورن جا ٻچا، تن سڀني کي ماري وجهندس، ۽ مصر جي سڀني ديوتائن تي فتويٰ جاري ڪندس: آءٌ خداوند آهيان.


مصر بابت ڪلام. ڏسو خداوند هڪڙي تکي بادل تي سوار ٿي مصر ۾ اچي ٿو: ۽ اُن جي حضور ۾ مصر جا بت بيحال ٿي ويندا ۽ مصر جي دل پگهرجي ويندي.


۽ ڏس، اِجهو ماڻهن جو لشڪر، ۽ گهوڙي سوار جوڙو جوڙو ٿي اچن ٿا. ۽ هن ورندي ڏئي چيو تہ بابل ڪريو آهي، ڪريو آهي؛ ۽ ان جي معبودن جون سڀ اُڪريل مورتون ڀڄي زمين تي اچي پيون آهن.


بيل هيٺ جهڪي ٿو، نبو سجدو ٿو ڪري؛ انهن جون مورتون جانورن ۽ ڍورن تي لڏيل آهن: جيڪي شيون اوهين کڻي پئي گهميا، سي ٿڪل جانورن تي لڏيل بوجهو آهن.


اهي نئڙن ٿا، اهي سڀ گڏ هيٺ جهڪن ٿا؛ اهي بار کان بچائي نہ سگهيا، پر پاڻ قيد ٿي ويا.


پنهنجون اکيون کڻي چئني پاسي نهار، ۽ ڏس، اهي سڀ گڏ ٿي تو وٽ ٿا اچن. خداوند فرمائي ٿو تہ مون کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو قسم آهي تہ تون ضرور انهن سڀني کي زيورن وانگي ڍڪيندين، ۽ ڪنوار وانگيان انهن سان پاڻ کي سينگاريندين.


اي صيون، جاڳ، جاڳ، زور وٺ؛ اي يروشلم پاڪ شهر پنهنجي سهڻي پوشاڪ ڍڪ؛ ڇالاءِ جو اڄ کان پوءِ تو ۾ اڻ طهريل ۽ ناپاڪ ماڻهو ڪونہ ايندا.


هن راستبازيءَ کي زرهہ وانگي ڍڪيو، ۽ نجات جو ٽوپ مٿي تي رکيائين؛ ۽ هن ڪپڙن جي بدران انتقام جي پوشاڪ ڍڪي، ۽ جوش جو جامو پاتائين.


آءٌ خداوند ۾ گهڻو خوش ٿيندس، منهنجو روح منهنجي خدا ۾ راضي رهندو؛ ڇالاءِ جو هن جيئن ڪو گهوٽ پاڻ کي ڇٽ سان سينگاري، يا ڪا ڪنوار پاڻ کي جواهرن سان سينگاري، تيئن مون کي نجات جي پوشاڪ پهرائي آهي، هن مون کي راستبازيءَ جو وڳو ڍڪايو آهي.


۽ ڌاريا ماڻهو بيهي اوهان جا ڌڻ چاريندا، ۽ پرديسي اوهان جا هاري ۽ باغائي ٿيندا.


اوهين انهن کي هيئن چئو تہ اهڙا معبود جن آسمان ۽ زمين کي پيدا نہ ڪيو آهي سي زمين تان ۽ آسمان جي هيٺان چٽ ٿي ويندا.


اهي اجايا آهن، بلڪ فريب ڏيندڙ ڪم آهن: سزا جي وقت اُهي چٽ ٿي ويندا.


مصر جي بادشاهہ فرعون، ۽ انهي جي نوڪرن، ۽ انهي جي اميرن، ۽ انهي جي سڄي قوم کي؛


هو بيت شمس جا ٿنڀ بہ ڀڃندو، جو مصر جي ملڪ ۾ آهي، ۽ مصر جي معبودن جا گهر هو باهہ سان ساڙيندو.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ نوَ واري امون، ۽ فرعون، ۽ مصر کي سندس معبودن ۽ سندس بادشاهن سان گڏ سزا ڏيندس؛ يعني فرعون کي ۽ انهي کي جي مٿس ڀروسو ٿا رکن.


ڇالاءِ جو پنهنجن ڪمن ۽ پنهنجن خزانن تي ڀروسي رکڻ ڪري تون گرفتار ٿيندين: ۽ ڪموس، پنهنجن ڪاهنن ۽ پنهنجي اميرن سميت، قيد ٿي هليو ويندو.


۽ آءٌ دمشق جي ڀت تي هڪڙي باهہ ٻاريندس، ۽ اُها بن هدد جي محلاتن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


اوهين قومن منجهہ ظاهر ڪريو ۽ پڌرائي ڪرايو هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو ۽ مشهوري ڪرايو ۽ لڪايو نہ: چئو تہ بابل وٺجي ويو آهي، بيل شرمندو ڪيو ويو آهي، مردوڪ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪيو ويو آهي؛ اُن جا بت شرمندا ڪيا ويا آهن، انهن جون مورتون ڀڃي پرزا پرزا ڪيون ويون آهن.


۽ آءٌ بابل ۾ بيل تي فتويٰ جاري ڪندس، ۽ هن جي وات مان جيڪي ڳٿو اٿس سو ڪڍي وٺندس، ۽ قومون وري اڳتي هن ڏي گڏجي ڊوڙنديون نہ وينديون: هائو، بابل جي ڀت ڪري پوندي.


ڪنهن بہ ماڻهوءَ جو پير انهي مان نہ لنگهندو، نڪي ڪنهن جانور جو پير انهي مان لنگهندو، ۽ نہ چاليهن ورهين تائين اُهو وسندو.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ مصر جو ملڪ بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي ڏيئي ڇڏيندس؛ ۽ هو ان جي جماعت ۽ ان جو لٽ جو مال کڻي هليو ويندو؛ ۽ اُهو هن جي لشڪر جو اُجورو ٿيندو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ بُت بہ ناس ڪندس، ۽ نوف مان مورتون بہ بند ڪرائي ڇڏيندس؛ ۽ مصر جي ملڪ جو وري اڳتي ڪوبہ بادشاهہ نہ ٿيندو: ۽ آءٌ مصر جي ملڪ ۾ خوف وجهندس.


۽ هو انهن جي معبودن کي، سندن پلٽيل مورتن، ۽ سندس سهڻن چاندي ۽ سون جي ٿانوَن سميت قيد ڪري مصر ۾ وٺي ويندو، ۽ هو ڪن سالن تائين مصر جي بادشاهہ کان پاسو ڪندو.


خداوند هنن لاءِ خوفناڪ ٿيندو: ڇالاءِ جو هو زمين جي سڀني معبودن کي بک ۾ پاهہ ڪندو: سڀ ماڻهو پنهنجن ملڪن مان يعني سڀ ٻيٽ هن جي عبادت ڪندا.


رات گهڻي گذري ويئي آهي، ۽ ڏينهن ٿيڻ تي آهي: تنهنڪري اچو تہ اوندهہ جا ڪم ڇڏي سوجهري جا هٿيار ٻَڌون.


۽ نئين انسانيت ڍڪيو، جا خدا جي مرضيءَ موجب حقيقي راستبازيءَ ۽ پاڪيزگيءَ ۾ پيدا ٿي آهي.


خدا جا سڀ هٿيار ٻَڌو، تہ شيطان جي منصوبن سان مقابلو ڪري سگهو.


تنهنڪري جيئن خدا جا چونڊيل ۽ پاڪ پيارا آهيو، تيئن رحمدليءَ ۽ مهربانيءَ ۽ نماڻائيءَ ۽ حليمائيءَ ۽ تحمل جو جامو پهريو؛


۽ انهن سڀني کان وڌيڪ محبت، جا ڪماليت جو ڪمربند آهي، تنهن کي پهريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ