Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 43:11 - Sindhi Bible

11 ۽ هو ايندو ۽ مصر جي زمين کي ماريندو؛ جيڪي موت جي لاءِ آهن سي قتل ڪيا ويندا، ۽ جيڪي قيد جي لاءِ آهن سي قيد ڪيا ويندا، ۽ جيڪي ترار جي لاءِ آهن، سي ترار جي حوالي ڪيا ويندا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 هو اچي مصر جي ملڪ کي شڪست ڏيندو. پوءِ جن جي نصيب ۾ موتمار بيماري هوندي، سي وبا ۾ مري کپي ويندا، جن جي نصيب ۾ قيد هوندو، سي پڪڙي قيد ڪيا ويندا ۽ جن جي نصيب ۾ قتل ٿيڻ هوندو، سي تلوار جي حوالي ڪيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 43:11
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو آهي هڪڙي شرير ماڻهوءَ جو خدا وٽان آيل حصو، ۽ اهو ورثو جو خدا سندس لاءِ مقرر ڪيو آهي.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو مون کي چوندا تہ اسين ڪيڏي هليا وڃون؟ تڏهن تون هنن کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي موت جي لاءِ آهن سي موت ڏي وڃن؛ ۽ جيڪي ترار جي لاءِ آهن سي ترار ڏي؛ ۽ جيڪي ڏڪار جي لاءِ آهن سي ڏڪار ڏي؛ ۽ جيڪي قيد جي لاءِ آهن سي قيد ڏي وڃن.


ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جو خدا، مون کي هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجي هٿان هن ڪاوڙ جي شراب جو پيالو وٺي انهن سڀني قومن کي وڃي پيار جن ڏي آءٌ توکي موڪليان ٿو.


مصر جي بادشاهہ فرعون، ۽ انهي جي نوڪرن، ۽ انهي جي اميرن، ۽ انهي جي سڄي قوم کي؛


تنهن ڪري هاڻي پڪ آهي تہ اوهين جنهن هنڌ وڃي رهڻ جي لاءِ خواهش ٿا ڪريو، اُتي ئي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندا.


۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو جي مصر جي زمين ۾ رهڻ لاءِ اوڏي وڃڻ واسطي تيار ٿيا آهن، تن کي آءٌ پڪڙيندس ۽ اُهي سڀ ناس ڪيا ويندا؛ مصر جي ئي ملڪ ۾ اُهي ڪرندا؛ اُهي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ناس ڪيا ويندا؛ تمام ننڍي کان وٺي تمام وڏي تائين، هو ترار سان، ۽ ڏڪار سان مرندا: ۽ اُهي نفرت، ۽ حيرت، ۽ لعنت، ۽ ملامت جو سبب ٿيندا.


ڇالاءِ جو جيڪي مصر جي زمين ۾ رهن ٿا تن کي آءٌ سزا ڏيندس، جيئن مون يروشلم کي ترار سان ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان سزا ڏني آهي:


ڪنهن بہ ماڻهوءَ جو پير انهي مان نہ لنگهندو، نڪي ڪنهن جانور جو پير انهي مان لنگهندو، ۽ نہ چاليهن ورهين تائين اُهو وسندو.


تنهنجو ٽيون حصو مريءَ سان مرندو ۽ اُهي تنهنجي وچ ۾ ڏڪار ڪري مري چٽ ٿي ويندا؛ ۽ ٽيون حصو تنهنجي چوڌاري ترار سان مارجي ويندو؛ ۽ ٽيون حصو آءٌ سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس ۽ انهي جي پٺيان ترار ڪڍندس.


تڏهن مون چيو تہ هاڻي آءٌ اوهان کي چارو ڪين ڏيندس. جيڪو مري ٿو، تنهن کي مرڻ ڏيو؛ ۽ جيڪو چٽ ٿو ٿئي، تنهن کي چٽ ٿيڻ ڏيو؛ ۽ جيڪي باقي بچيل آهن، سي هڪ ٻئي جو گوشت کائين.


جيڪڏهن ڪو قيد لاءِ آهي تہ اُهو قيد ۾ ويندو. جيڪڏهن ڪو ترار سان قتل ڪندو، تہ اهو ترار سان قتل ڪيو ويندو. پاڪ ٿيلن جو صبر ۽ ايمان اهو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ