Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 43:10 - Sindhi Bible

10 ۽ انهن کي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي گهرائي، انهي جو تخت انهن پهڻ تي رکندس، جي مون لڪايا آهن؛ ۽ هو پنهنجو شاهي شاميانو انهن جي مٿان پکيڙيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 پوءِ کين مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’آءٌ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر کي گھرائيندس، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي. آءٌ سندس تخت انهن پٿرن تي قائم ڪندس، جيڪي مون هتي هڻايا آهن. هو پنهنجو شاهي شاميانو انهن جي مٿان پکيڙيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 43:10
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بن هدد اهو پيغام ٻڌو تڏهن هن ۽ ٻين بادشاهن تنبن ۾ شراب پئي پيتو، انهيءَ وقت هن پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ اوهين تيار ٿيو. ۽ هو صفون ٻڌي شهر تي ڪاهي هلڻ لاءِ تيار ٿيا.


۽ اُهي ٻن پهرن جو روانا ٿيا. پر بن هدد ٻين بادشاهن سان گڏ، يعني جن ٻٽيهن بادشاهن هن کي مدد ٿي ڏني، تن سان گڏ تنبن ۾ شراب پي مست پئي ٿيو.


هن اوندهہ کي، يعني برسات جي اوندهہ کي، ۽ آسمان جي گهاٽن ڪڪرن کي، پنهنجي لڪڻ جي جاءِ، ۽ پنهنجي چوڌاري شاميانو ڪيو.


ڇالاءِ جو مصيبت جي ڏينهن هو مون کي پنهنجي تنبوءَ ۾ پناهہ ڏيندو: ۽ مون کي پنهنجي خيمي جي پڙدي ۾ لڪائيندو؛ هو مون کي ٽڪر تي چاڙهي بيهاريندو.


تون انهن کي پنهنجيءَ حضوريءَ جي تنبوءَ ۾ انسان جي ٻڌين کان ڍڪيندين: تون ئي اُنهن ماڻهن جي جهيڙن کان تنبوءَ ۾ لڪائي رکندين.


جو خورس بابت چوي ٿو تہ هو منهنجو ڌنار آهي، ۽ منهنجي سموري مرضي پوري ڪندو: هو يروشلم جي بابت چوي ٿو تہ اهو وري اڏبو؛ ۽ هيڪل کي چوي ٿو تہ تنهنجو بنياد پوندو.


خداوند پنهنجي مسح ڪيل خورس بابت فرمائي ٿو، تہ مون هن جو ساڄو هٿ جهليو آهي تہ قومن کي سندس اڳيان مات ڪريان، آءٌ بادشاهن جون چيلهيون ڍريون ڪندس؛ آءٌ هن جي اڳيان در کوليندس، ۽ دروازا بند نہ ٿيندا.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ اُتر جي حڪومتن مان سڀني قبيلن کي سڏيندس؛ ۽ اُهي ايندا ۽ انهن مان هرڪو پنهنجو تخت يروشلم جي دروازن جي لنگهہ تي، ۽ آسپاس ان جي ڀتين جي سامهون ۽ يهوداہ جي سڀني شهرن جي سامهون قائم ڪندو.


تون وڏا وڏا پهڻ پنهنجي هٿ ۾ کڻ ۽ جيڪو سرن جو ايوان تحفنحيس ۾ فرعون جي گهر جي لنگهہ وٽ آهي تنهن ۾ يهوداہ جي ماڻهن جي ڏسندي گچ سان لڳائي ڇڏ؛


بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر ڪيئن اچي مصر جي زمين کي شڪست ڏيندو، تنهن بابت جيڪو ڪلام خداوند وٽان يرمياہ نبيءَ وٽ آيو سو هي آهي.


۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ پنهنجو تخت عيلام ۾ رکندس، ۽ اُتان بادشاهہ ۽ اميرن کي ناس ڪندس.


تنهنجو ٽيون حصو مريءَ سان مرندو ۽ اُهي تنهنجي وچ ۾ ڏڪار ڪري مري چٽ ٿي ويندا؛ ۽ ٽيون حصو تنهنجي چوڌاري ترار سان مارجي ويندو؛ ۽ ٽيون حصو آءٌ سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس ۽ انهي جي پٺيان ترار ڪڍندس.


۽ هو وقت ۽ موسمون بدلائي ٿو: هو هڪڙن بادشاهن کي برطرف ڪري ٿو، ۽ ٻين بادشاهن کي اُٿاري ٿو: هو ڏاهن کي ڏاهپ عطا ڪري ٿو، ۽ سمجهہ وارن کي علم ڏئي ٿو.


تنهن تي بادشاهہ کي ڪاوڙ لڳي، ۽ هن پنهنجا نوڪر موڪلي انهن خونين کي برباد ڪيو، ۽ انهن جو شهر ساڙائي ڇڏيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ