Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 43:1 - Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يرمياہ سڀني ماڻهن کي خداوند، سندن خدا جون اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائي چڪو، جن سان خداوند سندن خدا هنن کي وٽن موڪليو هو، يعني اُهي سڀ ڳالهيون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن مون يرمياہ ماڻهن کي خداوند اسان جي خدا جون فرمايل اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائي بس ڪئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 43:1
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ لوط ٻاهر وڃي پنهنجي ناٺين، جن سان سندس ڌيئرن جي شادي ٿيڻي هئي، تن سان ڳالهہ ٻولهہ ڪئي، ۽ چيائين تہ اُٿو هن هنڌان نڪري وڃو؛ ڇالاءِ جو خداوند هي شهر برباد ڪندو. پر سندس ناٺين سمجهيو تہ هو چرچا ٿو ڪري.


پوءِ موسيٰ اچي خداوند جون ڳالهيون ۽ سڀيئي حڪم ماڻهن کي چئي ٻڌايا، ۽ سڀني ماڻهن متفق ٿي جواب ڏنو ۽ چيائون تہ جيڪي ڳالهيون خداوند فرمايون آهن سي سڀ اسين مڃينداسين.


تنهن ڪري تون پنهنجي ڪمر ٻڌ ۽ اُٿ ۽ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان اهو انهن کي ٻڌاءِ: انهن کي ڏسي ڊڄ نہ، متان انهن جي اڳيان آءٌ توکي حيران پريشان ڪري ڇڏيان.


پر خداوند مون کي چيو تہ ائين نہ چئُہ تہ آءٌ ٻار آهيان: ڇالاءِ جو جنهن ڏانهن آءٌ توکي موڪليندس تنهن ڏي تون ويندين، ۽ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيندس سو تون ٻڌائيندين.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ خداوند جي گهر جي ايوان ۾ اُٿي بيهہ ۽ جيڪي يهوداہ جا شهر خداوند جي گهر ۾ سجدي ڪرڻ لاءِ ٿا اچن، تن سڀني کي اُهي سڀ ڳالهيون ٻڌاءِ، جن جي ٻڌائڻ لاءِ آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان؛ هڪڙو لفظ بہ پٺتي نہ رک.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يرمياہ اُهي سڀ ڳالهيون سڀني ماڻهن کي ٻڌائي بس ڪيون جن جي ٻڌائڻ لاءِ خداوند حڪم ڪيو هوس، تڏهن ڪاهنن ۽ نبين ۽ سڀني ماڻهن اچي جهليس، ۽ چيائونس تہ تون ضرور مرندين.


۽ اڄوڪي ڏينهن مون اُها خبر اوهان کي ڏني آهي: ۽ جنهن ڳالهہ جي لاءِ خداوند اوهان جي خدا مون کي اوهان ڏي موڪليو، انهي بابت اوهان ان جو حڪم نہ مڃيو آهي.


تنهن ڪري هاڻي پڪ آهي تہ اوهين جنهن هنڌ وڃي رهڻ جي لاءِ خواهش ٿا ڪريو، اُتي ئي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندا.


هنن خداوند کان منڪر ٿي چيو آهي تہ هي اُهو ناهي؛ نڪي خرابي اسان جي مٿان ايندي، نڪي اسين ترار يا ڏڪار ڏسنداسين:


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون هي ڪتاب پڙهي پورو ڪرين، تڏهن انهي سان هڪڙو پهڻ ٻڌي فرات نديءَ جي وچ ۾ انهي کي اُڇلائي ڇڏجانءِ؛


۽ هنن کي تعليم ڏيو تہ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن سڀني تي هلن، ۽ ڏسو، آئون هميشہ، بلڪ دنيا جي پڇاڙيءَ تائين، اوهان سان آهيان.


ڇالاءِ جو آئون خدا جي ساري مرضي اوهان کي ٻُڌائڻ کان نہ هٽيس.


وڃو ۽ هيڪل ۾ بيهي، هي زندگيءَ جون سڀ ڳالهيون ماڻهن کي ٻُڌايو.


۽ سموئيل خداوند جون اهي سڀ ڳالهيون اُنهن ماڻهن کي ٻڌايون جن بادشاهہ ٿي گهريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ