7 ۽ ڏهن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو.
7 ڏهن ڏينهن کان پوءِ مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو.
خداوند جو انتظار ڪر: زوراور ٿي ۽ همت جهل؛ هائو خداوند جو انتظار ڪر.
تنهن ڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ صيون ۾ بنياد جي لاءِ هڪڙو پٿر ٿو رکان، اهو آزمايل پٿر، ۽ پڪي بنياد جو قيمتي پٿر آهي: جيڪو ايمان آڻيندو، سو تڪڙ نہ ڪندو.
تڏهن بہ خداوند اوهان تي مهرباني ڪرڻ لاءِ ترسندو؛ ۽ اوهان تي رحم ڪرڻ لاءِ سرفراز ٿيندو: ڇالاءِ جو خداوند عادل خدا آهي؛ جيڪي هنجا منتظر آهن سي سڀ مبارڪ آهن.
جڏهن پهري وارن جي سردار نبوزرادان يرمياہ کي زنجيرن سان ٻڌل، يروشلم ۽ يهوداہ جي سڀني قيدين سان قيد ڪري بابل ڏي وٺي ٿي ويو، تڏهن هن رامہ ۾ هن کي ڇڏي ڏنو، ۽ تنهن کان پوءِ خداوند وٽان يرمياہ تي هي ڪلام نازل ٿيو.
تڏهن هن يوحنان بن قريحہ ۽ جيڪي لشڪرن جا سردار ساڻس هئا، ۽ ٻيا ماڻهو ننڍا توڙي وڏا جيڪي هئا تن سڀني کي سڏيو،
۽ ستن ڏينهن گذرڻ کانپوءِ، هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو تہ
ڇالاءِ جو رويا اڃا بہ مقرر ڪيل وقت تائين آهي، ۽ اُهو پڇاڙيءَ ڏي تڪڙو لنگهندو وڃي ٿو، ۽ ڪوڙ نہ چوندو: جيتوڻيڪ اُهو دير ڪندو، تہ بہ تون انهيءَ لاءِ منتظر رهہ، ڇالاءِ جو اُهو ضرور ايندو ۽ دير ڪين ڪندو.