Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 42:21 - Sindhi Bible

21 ۽ اڄوڪي ڏينهن مون اُها خبر اوهان کي ڏني آهي: ۽ جنهن ڳالهہ جي لاءِ خداوند اوهان جي خدا مون کي اوهان ڏي موڪليو، انهي بابت اوهان ان جو حڪم نہ مڃيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 اڄ مون اوهان کي اهو سڀ ڪجھہ ٻڌائي ڇڏيو آهي، جيڪي خداوند اسان جي خدا اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ مون کي فرمايو. پر اوهين انهن سڀني ڳالهين جي نافرماني ڪري رهيا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 42:21
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو مون کين ڇڏي ڏنو تہ ڀلي تہ پنهنجي دل جي هوڏ تي، ۽ صلاح تي هلن.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يرمياہ سڀني ماڻهن کي خداوند، سندن خدا جون اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائي چڪو، جن سان خداوند سندن خدا هنن کي وٽن موڪليو هو، يعني اُهي سڀ ڳالهيون،


انهي طرح يوحنان بن قريحہ، ۽ لشڪرن جي سڀني سردارن، ۽ سڀني ماڻهن يهوداہ جي ملڪ ۾ رهي پوڻ لاءِ خداوند جو حڪم نہ مڃيو.


۽ هو مصر جي ملڪ ۾ آيا؛ ڇالاءِ جو هنن خداوند جو حڪم نہ مڃيو: بلڪ هو تحفنحيس تائين بہ آيا.


۽ جيڪي آءٌ چوان سو تون انهن کي ٻڌائج، پوءِ هو ٻڌن يا ٻڌڻ کان انڪار ڪن: ڇالاءِ جو اُهي نهايت باغي آهن.


اي آدمزاد، مون توکي اسرائيل جي گهراڻي لاءِ نگهبان بنايو آهي: تنهنڪري منهنجي واتان هي ڪلام ٻڌ ۽ منهنجي طرفان هنن کي خبردار ڪر.


هو تو وٽ ائين اچن ٿا جيئن اُمت جا ماڻهو ايندا آهن، ۽ منهنجي قوم وانگر تنهنجي اڳيان ويهن ٿا ۽ تنهنجون ڳالهيون ٻُڌن ٿا، پر انهن تي عمل نٿا ڪن: ڇالاءِ جو هو پنهنجي وات سان محبت ڏيکارين ٿا، پر سندن دل سندن نفعي جي پٺيان ٿي وڃي.


ڏس تون هنن جي لاءِ هڪڙو اهڙو وڻندڙ راڳ آهين جو ڪو چڱي آواز وارو ماڻهو ڳائي، ۽ ڪو چڱو ساز وڄائي؛ ڇالاءِ جو هو تنهنجون ڳالهيون ٻڌن ٿا، پر انهن تي عمل نٿا ڪن.


۽ ڪهڙيءَ طرح جيڪي ڳالهيون اوهان جي فائدي جون هيون، سي اوهان کي ٻُڌائڻ کان نہ هٽيس، ۽ اوهان کي جماعت ۾ توڙي گهر گهر تعليم ڏيندو رهيس.


۽ هيئن ٿئي، تہ اهڙو ماڻهو لعنت جون هي ڳالهيون ٻڌي، پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي مبارڪ سمجهي، ۽ چوي، تہ جيتوڻيڪ آءٌ هٺيلو ٿي سُڪن سان گڏ آلن کي بہ برباد ڪندس، تڏهن بہ سلامت رهندس:


ڏس، مون اڄوڪي ڏينهن تنهنجي اڳيان حياتي ۽ ڀلائي، موت ۽ بڇڙائي، ٻئي رکيا آهن؛


آءٌ اڄوڪي ڏينهن آسمان ۽ زمين کي اوهان تي شاهد ٿو ڪريان، تہ مون حياتي ۽ موت، برڪت ۽ لعنت ٻئي اوهان جي اڳيان رکيا آهن: تنهنڪري تون حياتيءَ کي پسند ڪر، تہ تون ۽ تنهنجو اولاد جيئرا رهو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ