Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 42:20 - Sindhi Bible

20 ڇالاءِ جو اوهان خود پنهنجن دلين ۾ دغابازي ڪئي آهي؛ جو اوهان مون کي خداوند پنهنجي خدا ڏي، هيئن چئي موڪليو تہ خداوند اسان جي خدا کان اسان جي لاءِ دعا گهر؛ ۽ جيڪي خداوند اسان جو خدا فرمائي ان موجب اسان کي خبر ڏي تہ اسين ائين ڪريون:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 حقيقت ۾ اوهان پنهنجو پاڻ سان دوکو ڪيو آهي جو مون کي خداوند اسان جي خدا کان دعا گھرڻ لاءِ عرض ڪري چيو اٿوَ تہ جيڪي ڪجھہ هو چوندو سو ئي اوهين ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 42:20
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجو نالو ٻڌندي ئي، اُهي منهنجي فرمانبرداري ڪندا: پرديسي بہ اچي منهنجي پيش پوندا.


گناهہ مون تي اچي غالب ٿيا آهن: پر تون اسان جي گناهن جو ڪفارو ڏيندين.


آءٌ خداوند دلين کي ٿو چڪاسيان، ۽ گردن جي آزمائش ٿو وٺان، انهي لاءِ تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس چال موجب، ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏيان.


۽ انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ هن جي بي وفا ڀيڻ يهوداهہ پنهنجي سالم دل سان مون ڏي موٽي نہ آئي آهي، پر ڍونگ ڪري موٽي آهي.


۽ صدقياہ بادشاهہ، يهوڪل بن سلمياہ، ۽ صفنياہ بن معسياہ ڪاهن کي، يرمياہ نبيءَ ڏي چوائي موڪليو تہ اسان جي لاءِ خداوند اسان جي خدا کان دعا گهر.


تڏهن صدقياہ بادشاهہ ماڻهو موڪلي يرمياہ نبيءَ کي خداوند جي گهر ۾ جيڪو ٽيون لنگهہ آهي. تنهن ۾ پاڻ وٽ گهرايو: ۽ بادشاهہ يرمياہ کي چيو تہ آءٌ توکان هڪڙي ڳالهہ پڇندس؛ مون کان ڪي بہ ڪين لڪائج.


۽ يرمياہ نبيءَ کي چوڻ لڳا تہ اسين توکي منٿ آزي ٿا ڪريون تہ تنهنجي خدمت ۾ جيڪو اسان جو عرض آهي سو قبول پوي ۽ تون اسان جي لاءِ، يعني هي ماڻهو جيڪي بچيا آهن تن سڀني جي لاءِ، خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهر؛ ڇالاءِ جو اسين گهڻن مان ڪي ٿورا وڃي رهيا آهيون، جيئن تون پنهنجن اکين سان اسان کي ڏسين ٿو:


تڏهن هنن يرمياہ کي چيو تہ جيڪو بہ حڪم خداوند تنهنجو خدا توکي ڏيئي اسان ڏي موڪليندو تنهن موجب جيڪڏهن اسين عمل نہ ڪنداسين تہ خداوند اسان جي برخلاف سچو ۽ وفادار شاهد ٿئي.


تڏهن عزرياہ بن هوسعياہ، ۽ يوحنان بن قريحہ، ۽ سڀني مغرور ماڻهن يرمياہ کي مخاطب ٿي چيو تہ تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين: خداوند اسان جي خدا توکي ڪونہ موڪليو آهي تہ چوين تہ اوهين مصر ۾ نہ وڃي رهو.


هو تو وٽ ائين اچن ٿا جيئن اُمت جا ماڻهو ايندا آهن، ۽ منهنجي قوم وانگر تنهنجي اڳيان ويهن ٿا ۽ تنهنجون ڳالهيون ٻُڌن ٿا، پر انهن تي عمل نٿا ڪن: ڇالاءِ جو هو پنهنجي وات سان محبت ڏيکارين ٿا، پر سندن دل سندن نفعي جي پٺيان ٿي وڃي.


اهي گنهگار، جيڪي پنهنجيءَ حياتيءَ جا دشمن ٿيا، تن جي واسوڙن کي ڪٽي، قربانگاهہ جي ڍڪڻ لاءِ پترا جوڙيو، ڇو جو هنن اهي خداوند جي حضور ۾ نذر ڪيا، تنهنڪري اهي پاڪ آهن؛ ۽ اهي بني اسرائيل جي لاءِ هڪڙي نشاني ٿيندي.


۽ تون لاويءَ جي لٺ تي هارون جو نالو لک: ڇالاءِ جو هنن جي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جي رئيسن مان هرهڪ جي لاءِ هڪ لٺ هئڻ گهرجي.


۽ منجهانئن هڪڙو شريعت جو عالم هو، تنهن کيس آزمائڻ لاءِ کانئس هڪڙو سوال پڇيو تہ


فريب نہ کائو، خدا کي ٺڳي ڪين سگهندا، ڇالاءِ جو جيڪي انسان پوکي ٿو سو ئي هو لُڻندو.


پر ڪلام تي عمل ڪندڙ ٿيو، نہ فقط ٻُڌندڙ، ۽ پاڻ کي نہ ٺڳيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ