Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 42:16 - Sindhi Bible

16 تہ تڏهن هيئن ٿيندو تہ ترار، جنهن کان اوهين ڊڄو ٿا سا مصر جي ملڪ ۾ اوهان کي اچي پهچندي، ۽ ڏڪار جنهن کان اوهين ڊڄو ٿا، سو اُتي مصر ۾ اوهان جي بنهہ پٺيان لڳندو؛ ۽ اُتي اوهين مرندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 ياد رکو، جنهن جنگ کان اوهين ڊڄو ٿا سا اتي اوهان تي اچي ڪڙڪندي ۽ جنهن ڏڪار کان اوهين خوفزدہ آهيو سو مصر ۾ بہ اوهان جو پيڇو ڪندو ۽ اوهين اتي ئي مري کپي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 42:16
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بدي گنهگارن جي پٺيان پوي ٿي: پر سچن کي چڱو بدلو ملي ٿو.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪا قوم ۽ حڪومت انهيءَ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خدمت نہ ڪندي، ۽ پنهنجي ڳچي بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ نہ وجهندي، تنهن قوم کي، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان سزا ڏيندس، جيئن ڪ انهي جي هٿان هنن کي کپائي چٽ ڪري ڇڏيان.


ڇالاءِ جو ڪسدين جي سبب هنن کي ڊپ هو، جو اسماعيل بن نتنياہ، جدلياہ بن اخيقام کي قتل ڪيو هو، جنهن کي بابل جي بادشاهہ انهيءَ زمين تي حاڪم مقرر ڪيو هو.


پر جي اوهين چوندا تہ اسين هن ملڪ ۾ نہ رهنداسين؛ ۽ انهي طرح خداوند پنهنجي خدا جو حڪم نہ مڃيندا؛


ڏس، آءٌ انهن تي نظرداري ڪريان ٿو، نہ چڱائيءَ لاءِ پر بڇڙائيءَ لاءِ: ۽ يهوداہ جا سڀ ماڻهو جي مصر جي زمين ۾ آهن، سي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ناس ڪيا ويندا، جيسين ڪ سندن پڄاڻي ٿيندي.


اوهين ترار کان ڊنا آهيو؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان تي ترار آڻيندس.


پر منهنجا حڪم ۽ منهنجا قاعدا، جي مون پنهنجن ٻانهن کي فرمايا، اُهي اوهانجن ابن ڏاڏن کي نہ پهتا ڇا؟ ۽ هنن ڦري چيو، تہ جيئن لشڪرن جي خداوند کي وڻيو، تيئن هن اوهان سان ڪيو، يعني اسان کي اسانجين راهن ۽ ڪمن جو بدلو ڏنو اٿس.


جي اسين ائين ئي ڇڏي ڏينداسونس تہ سڀ ماڻهو وڃي مٿس ايمان آڻيندا: پوءِ تہ رومي اچي اسان جي جڳهہ ۽ قوم تي قبضو ڪندا.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌندين، ۽ جيڪي سندس حڪم ۽ قانون آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي فرمايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل نہ ڪندين؛ تہ هي سڀ لعنتون توتي اينديون، ۽ توکي اچي پهچنديون.


خداوند توکي سلهہ سان، ۽ تپ سان، ۽ سوڄ سان، ۽ سخت گرميءَ سان، ۽ ترار سان، ۽ جهولي سان، ۽ رتيءَ سان ماريندو، ۽ جيسين تون تباهہ نہ ٿي ويندين، تيسين اهي تنهنجي پٺيان پوندا.


سو جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌندين ۽ جيڪي حڪم، ۽ قانون هن توکي فرمايا آهن، تن کي خبرداريءَ سان نہ مڃيندين؛ تہ اهي سڀ لعنتون تو تي اينديون، ۽ تنهنجي پٺيان پونديون، ۽ توکي اچي پهچنديون، جيسين ڪ تون برباد ٿي وڃين:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ